فهد مصطفيٰ جي الڻ فقير کي شاندار انداز ۾ ڀيٽا..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪار فهد مصطفيٰ,  لوڪ گلوڪار الڻ فقير کي شاندار انداز ۾ ڀيٽا پيش  ڪئي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي فهد مصطفيٰ هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته “الڻ فقير کي هڪ ننڍي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.

واضح رهي ته لوڪ فنڪار کي پاڪستاني حڪومت طرفان 1980ع ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو، ان کان سواءِ کيس موسيقي جي دنيا ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي ٻين ايوارڊن سان به نوازيو ويو هو.

الڻ فقير جي گيتن ۾ سنڌ جي ثقافت جي جهلڪي نمايان نظر ايندي آهي، هن پنهنجي انوکي انداز سان موسيقي کي نئين جلا بخشي. هن سنڌ جي صوفي بزرگ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي مزار کان پاڪستان ٽيلي ويزن تائين جو سفر ڪاميابي سان طئي ڪيو.

 

View this post on Instagram

 

A small tribute to one and only Allan Fakir 🥰

A post shared by Fahad Mustafa (@mustafafahad26) on

الڻ فقير اڄ به ماڻهن لوڪ گلوڪاري جي بادشاهه مڃيو ويندو آهي، الڻ فقير ملڪ کي “تيري عشق نچايا ” جهڙا ٻيا ڪيترائي لازوال نغما به ڏنا.

1932ع وادي مهران جي علائقي ضلعي دادرو ۾ ڄاول الڻ فقير کي ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا. لوڪ گلوڪاري جو چمڪندڙ ستارو چار جولاءِ 2000ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.