صنم ماروي طلاق وٺي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي فيملي ڪورٽ پاڪستان جي گلوڪارا صنم ماروي ۽ حامد خان کي طلاق جي ڊگري جاري ڪري ڇڏي جنهن سان سندن وچ ۾ ازدواجي سفر جو خاتمو ٿي ويو.

لاهور ۾ فيملي ڪورٽ جي جج ثناءَ افضل واهله، صنم ماروي جي طلاق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ان دوران صنم ماروي چيو ته هوءَ هاڻ حامد خان سان گڏ وڌيڪ نٿي رهڻ چاهي ڇو جو هو هن تي تشدد ڪندو آهي ۽ کيس گاريون ڏيندو آهي.

عدالت بيان ٻڌڻ بعد طلاق جي ڊگري جاري ڇڏي.

واضح رهي ته صنم ماروي هلندڙ سال 7 فيبروري تي پنهنجي مڙس حامد خان کان طلاق وٺڻ لاءِ لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ حامد مقبول ذريعي درخواست داخل ڪرائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.