جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه کڻندي سنگت کي ٻڌايو ته “اسان گذريل هفتي ئي سنگت کي سمجهايو هو ته ڪراچيءَ وارو اهو وائرس چين واري وائرس کان به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، هڪ نجي ٽي ويءَ هفتو اڳ ان جو سبب ٻڌايو ته متعلقه آفيسر ان بيماريءَ يا وائرس جو سبب ٻڌائڻ کان لنوائي رهيا آهن، جڏهن ته رپورٽر اهو تجزيو ڪيو ته ڪن ماهرن جو چوڻ آهي، ته اها بيماري چين واري “ڪرونا” بيماري کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، هڪ هفتو خاموشيءَ کان پوءِ جڏهن ماڻهن جي مرڻ جو تعداد وڌندو ويو، ۽ متاثرين جو انگ سون کان چڙهڻ لڳو تڏهن سنڌ حڪومت جي واسطيدار عملدارن اهو اعلان ڪيو، ته اها گيس هائيڊروجن آڪسائيڊ وارن ڪارخانن ۾ استعمال ٿيڻ ڪري، فضا ۾ ايتري جذب ٿي وڃي ٿي، جو آڪسيجن گهٽجي ٿي وڃي ۽ ماڻهوءَ کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي، ان کان پوءِ زڪام، کنگهه، بخار ۽ سيءُ لڳڻ شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ جيڪو به ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃي ٿو، اهو سگهو ئي موت ڏي هليو وڃي ٿو، پر مصدقه اطلاع اڃان ڪي به واضح نه ٿيا آهن، نه وفاقي حڪومت، نه صوبائي حڪومت، نه ڪن ماهرن کان جانچ ڪرائي، ان نقصان کي روڪڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا ويا آهن، يا ڪا وڏي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي آهي، يا ڪا ان جي دوا وغيره اڃان ايجاد ئي نه ٿي آهي، ته ڇا اسان جي ڪراچيءَ کي به هاڻ چين جي متاثر شهرن وانگر ڪڙو چاڙهي سيل ڪيو ويندو…؟؟؟، اندريان ٻاهر نٿا وڃي سگهن، ۽ ٻاهريان اندر نٿا اچي سگهن، ته ڇا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نااهلي ۽ سستيءَ سبب ڪراچيءَ جي شهر کي به قيدين جو قلعو بنائي، دنيا کان ڪٽيو ويندو، ۽ سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ پئي هلندي، خدا پناهه ڏئي جيڪڏهن هن معاشي ڏيوالي واري حڪومت جي دور ۾ سنڌ ۾ اهو عذاب الاهي آيو، ته پوءِ ڇا ڪو ديني علاج ڪبو…؟؟؟ يا ويهي اهو انتظار ڪبو ته چين وارا ان وائرس جو علاج ڪڍن، ته پوءِ اسان به انهن کان ڪا مدد وٺي پنهنجي وائرس کي منهن ڏيون، حالانڪه اها دنيا سموري سوشل ميڊيا ته بار بار چئي رهي آهي، ته جيڪي به ڪلپس ڏيکاريا پيا وڃن، اهي ايڊٽ ٿيل ۽ هٿرادو ٺهيل آهن، جن جو مقصد چين جي اقتصادي صورتحال کي تباهه ڪرڻ آهي، ۽ گڏوگڏ جيڪڏهن اسان به سندس سي پيڪ جا ساٿي هئڻ جي ڏوهه ۾ سازش جو شڪار ٿين، اسان کي به ڪنهن وڏي طوفان کي منهن ڏيڻو پوي، ان لاءِ بهتر آهي ته سنڌ حڪومت ۽ سماجي تنظيمون گڏجي، ان مسئلي کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ته نه وطن دشمن قوتون سرجيڪل ماسڪ اڳي ئي بليڪ تي چائنه موڪلڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ته وري هن ملڪ ۾ به اهي بليڪ تي نه وڪامجڻ لڳن…؟”

ڪامريڊ سليم افسوس ڪندي چيو ته “ادا… غريبن جي علائقي ۾ ئي وڌيڪ بيماريون ۽ بدامنيون ٿينديون آهن، ڪراچي جي امير ترين علائقن ۾ هر سهولت ۽ صفائي موجود هوندي آهي، ۽ اهي پنهنجي ٺاهيل يونين جي ذريعي پنهنجي محلي ۽ علائقي جا سڀ مسئلا حل ڪريو ويٺا آهن، پر جيڪا هيءَ صورتحال ڪراچي ۾ پيدا ٿي آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀر وارن اسلامي ملڪن کان به مدد وٺي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ان سلسلي ۾ هن وقت ايران جو تعاون حاصل ڪيو وڃي، ته وڌيڪ بهتر ٿيندو،

تازو حيدرآباد ۽ مختلف شهرن ۾ ايراني انقلاب جي 41 هين سالگرهه شاندار انداز ۾ ملهائيندي، پاڪستاني عوام کي اها اپيل ڪئي آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ هر قسم جو علاج سستو ۽ آپريشن هر قسم جي ممڪن آهي، ۽ هر قسم جون اصلي دوائون پڻ اتي موجود آهن، ساڳئي وقت ايران طب نبوي تي ايترو ڪم ڪيو آهي، جو هاڻ يورپ ۾ به طب نبويءَ جون ٺاهيل هر بيماريءَ جون دوائون تيزيءَ سان مقبول ٿي رهيون آهن، ۽ اهو ڪريڊٽ به اسان جي سنڌ جي وڏي عالم سيد آغا جان علي شاهه ڪاظمي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن تبليغات سان گڏوگڏ طب نبوي ۾ ايڏو ڪم ڪيو آهي، جو ٽي عدد ڪتاب ۽ هر قسم جي طبي دوا تيار ڪري، دنيا جي مسلم ۽ غير مسلم ملڪن ۾ پهچائي مقبوليت ماڻي رهيو آهي، سو انهن جڏهن اسان کي دل سان دعوت ڏيئي، علاج جون سهولتون ميسر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ته پوءِ ڇو نه اسلامي ملڪ کان ئي ٿوري مدد وٺي، پنهنجي عوام جون جانيون بچايون وڃن، جيڪڏهن حڪومت حسب روايت جانچ ڪميٽيون ٺاهيندي رهي، معائنا ڪرائيندي رهي، واعدا ڪندي رهي، ته ان عذاب کي ٽارڻ جي سنجيدگيءَ سان ڪوشش ڪئي ويندي، الله کي به ستائين، وضوءَ ۾ رهن، دعائون پڙهندا رهن، مطلب ته جيئڻ جي لاءِ وسان نه وڃائين، ته ڀلو ٿي پوندو.”

تڏهن مواليءَ چيو ته “ادا… ڳالهه ظاهر ٿي پئي آهي، ته هاڻ جيڪي انسان جي خاتمي ۽ ملڪن جي قبضي لاءِ، جنگي هٿيار گرم رکندا هئا، هر مسلم ملڪ يا ترقي پذير ملڪن ۾ خون جون نديون وهائي رهيا هئا، تن جا اهي پراڻا حربا ۽ هٿيار هاڻ ناڪارا ٿيندا وڃن، ۽ ٽيڪنالاجي ان جي جاءِ تي هر عمل جو نعم البدل تيار ڪري چڪي آهي، پر هاڻ واقعي هڪ زهريلي گيس ڇڏڻ سان ئي هڪ ملڪ ۾ هزارن جي تعداد ۾ انسان ختم ڪرڻ جو “آدم مارِ فارمولو” ايجاد ڪري دنيا کي تباهه ڪري، پنهنجي اچڻ واري اڳواڻ “دجال” جو استقبال ڪرڻ جو تياريون دنيا جي هر ترقي پذير ملڪ ۾ ڪري رهيا آهن، ان ڪري اچانڪ سڀ جو سڀ سسٽم ختم ڪري، ڪنهن نئين سسٽم کي جنم ڏيڻ هن ملڪ ۾ ممڪن ئي نه آهي، اسان جي حڪومت کي هر حال ۾ ڪمزور ڪرڻ ۽ آئنده پيپلز پارٽيءَ کي اليڪشن کان پري رکڻ جا اهڙا واقعا هڪٻئي پٺيان ڪرايا پيا وڃن، جنهن سان عوام جي دل ۾ پ پ حڪومت ۽ ليڊرن کان شڪايت وڌندي رهي، ۽ اصل قوتن جو مقصد ائين ئي مکڻ مان وار ڪڍڻ وارو آهي، جنهن تحت هو ايندڙ اليڪشن مان پ پ کي آئوٽ ڪرڻ ٿا چاهين، جيئن ضياءَ الحق واري زماني ۾ انهن جي هٿان ڏيهي پرڏيهي سازشي قوتن جي مرضيءَ مطابق ڪم ڪيا ويا،

پاڪستان توڙي سنڌ جي هر اداري ۾ ادارن جا اهي ماڻهو اهم پوسٽن تي هوندا آهن، جيڪي انهن جي حڪمت عمليءَ تي ڪم ڪري رهيا هوندا آهن ۽ اهي ئي اوزار آهن، جن جي هٿان حڪومت وقت کان اڳ تبديل ڪئي ويندي آهي، جيئن هن وقت ۾ آءِ جي پوليس وفاق جو آهي، ته پوءِ سنڌ جي سموري پوليس ۾ وفاق جي مداخلت ۽ اختيارن جي استعمال جو انداز اهوئي آهي، ڪراچي جي انهن ڏکين حالتن ۾ ڪي ڌاريا يا ڪي دشمن آله ڪار ڊاڪٽر ۽ مسيحا بنجي، اين جي اوز وانگر ملڪ ۾ اچن، ۽ پوءِ بليڪ واٽر يا ٻين بدنام زمانه ايجنسين جي نمائندن سان گڏجي، اسان جي هر اداري ۾ مداخلت ڪن، ۽ پوءِ جيڪا به بهتري آهي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجي ناپاڪ ارادن کي عمل ۾ آڻي، عالمي سازشي ادارن جي پلان مطابق روز مختلف عنوانن سان احتجاج ۽ ريليون ڪري، ملڪي نظام جي صورتحال کي بگاڙي ڇڏين، اها الڳ ڳالهه آهي ته آمريڪا جيڪا انڊيا کي اسان جي علائقي ۾ افغانستان جي معرفت، ڏکيو ڪرڻ لاءِ سازش سٽي هئي، ان ۾ هو هاڻ ان ڪري ناڪام ويو آهي، جو انڊيا خود پنهنجن ئي مسئلن ۾ ايڏو غرق ٿيندو پيو وڃي جو آزادي پسند قوميتن جا رجحان تيزيءَ سان انڊيا کي به ٽڪرن ٽڪرن ۾ ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا آهن، ۽ جنهن کي پڻ اندروني طرح ڪا سرپرستي حاصل آهي، انڊيا جي ميڊيا پڻ عوام کي آگاهي ڏيئي هوشيار ڪري رهي آهي، آمريڪا جي ان ڄار مان پاڻ کي بچائي ويو، ته پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان اڳتي هلي ايران جي ساٿ سان، هن خطي ۾ نئين اسلامي قوت کي جنم ڏيئي، ترڪيءَ جي صدر جو ساٿ ڏيئي، نئين اسلامي بلاڪ کي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا، اسان آزاد رهي نٿا سگهون، جتي اسان جي ملڪ ۾ وزيراعظم مجبور هجي، ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ هر مسئلي تي ڪميٽي ٺهرائي، بيان  ڪڍي، فوٽو ڪڍارائي هليو ويندو ته پوءِ عزيز صحافي جهڙا واقعا روز ٿي سگهن ٿا، ۽ پوءِ ڪير جواب ڏيندو ۽ ڪير ڏوهه باسيندو…؟؟؟”

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.