آزاد صحافت جو قتل

انيل ڪمار مڪواڻا 

سنڌ جي شهر محرابپور ۾ هڪ قلم ڌڻي، سينيئر صحافي عزيز ميمڻ رهزنن هٿان قتل ٿي ويو، هڪ صحافيءَ جو قتل ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته هن ملڪ ۾ صحافت ڪيتري قدر آزاد آهي. صوفين جي سرزمين تي سچائي واري صحافت ڪرڻ موت سان ويجهڙائي ڪرڻ برابر آهي، پر ڪافي صحافي قلم جي نب کي وڏيري جي پيرن ۾ رکي ڇڏين ٿا پوءِ هو جيئن چاهي ڪري پر ڪجهه صحافي پنهنجي قلم جي هڪڙي لفظ جو معاوضو سچائي لکي وصول ڪري وٺن ٿا.

عزيز ميمڻ به انهيءَ ايماندار صحافت جي سفر جو پانڌيئڙو هو. صحافت نالو ئي پنهنجي اندر جي قلم نگاري کي سمجهڻ جو آهي. صحافت شعبو سڀني شعبن کان ڏاڍو حساس آهي، ڪوڙي سماج کي نه مڃيندڙ سچا صحافي ڪنهن دشمن جي نشاني تي چڙهيو وڃن. اسان هميشه جيئان صرف احتجاج ئي ڪيا آھن. ڇو ته انصاف گهرجي اتان جيڪو پاڻ انصافي سوچ جو مالڪ هجي هتي ته هر ننڍي وڏي اداري ۾ قلم جي نب جا خريدار ويٺا آهن. صحافت نالو ئي اعتماد جو آهي. صحافت سماج جو آئينو آهي جنهن کي وڏيرن بليڪ ميلنگ تي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. صحافي ويچارا آخر ڇا ڪن!!! جيڪڏهن سچ ٿا لکن ته انتقامي ڪارروائي، جيڪڏهن هر مسئلي تي خاموشي اختيار ڪن ته عوام جو گاريون، جيڪڏھن اوهان کي صحافت ڪرڻي آهي ته ڪوشش ڪريو پنهنجي گهر جي ڪنهن به فرد کي گورنمينٽ جو ملازم نه ٿيڻ ڏيو. ڇو ته جيئن ئي اوھان ڪنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جي ڪرتوتن کي اخبار جي سرخي تي چاڙهيو انهي سچ جي ڪاوڙ هو اوهان جي گهرڀاتي ڪنهن گورنمينٽ جي ملازم تي ڪڍندو. ڪجهه ڏينهن اڳ به ايم اين اي جهنڊا والا تعميراتي ڪم جو ٻيهر جعلي افتتاح ڪيو جنھن جي رپورٽنگ ڪلور ڪوٽ جي هڪ صحافي پنهنجي چينل تي نشر ڪئي، ايم اين اي انهي صحافي جي ڀيڻ جيڪا واپڊا ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهي هئي ان جي بدلي ڪرائي نون ڍگر کان نورا شهر ۾ ڪرائي ڇڏي. سي او هيلٿ به ثابت ڪيو ته هو حڪومت جا نه بلڪه سياسي ماڻهن جا نوڪر آهن. ايمانداري صرف اها ناهي ته رشوت نٿا وٺو جيڪڏهن اوهان ڪنهن سياسي ماڻهو جي ونگار وهو ٿا ته اهو به غلط ڪم آهي. اهو به رشوت کان وڏو جرم آهي.

صحافت پيشو روايتي حريف کان ھٽي ڪري قلم جو وقار بلند ڪرڻ جو نالو آهي،  صحافت مسڪين، محڪوم ۽ مظلوم جي آواز کي بلند ڪرڻ جو نالو آهي. پر افسوس آهي هن معاشري تي جيڪو سچ لکڻ واري کي پنهنجي مرضي مطابق ئي ملائڪ ماري وڃي ٿو. عزيز ميمڻ جو قتل پوري پاڪستان جي صحافت جو قتل آھي. صحافت جهڙو شعبو ايڏو ته مانائتو آهي جو وقت جي هنج ۾ بکئي پيٽ رلندڙ اماوس جي راتين ۾ پنهنجي گهر ٻار کي ڇڏي حادثاتي هنڌ پهچڻ راتين جون راتيون اوجاڳا ڪرڻ غريب جي رڙ کي مين پيج جي سرخي ۾ بيان ڪرڻ، پنهنجي ضروري ڪمن کي ڇڏي صحافت جو فرض نڀائن ٿا جيڪي ماڻهو انهن جو بدلي ۾ سچ لاش ڪنهن به گلي ۾ پيل هوندو ڇو ته سچائي لکڻ اسان جي معاشري ۾ قانوني جرم آهي.

ڪنهن تڪ جي وڏيري تي لکون ته وڏيري جا چيلا فونن تي صحافين کي گهٽ وڌ ڳالهائي سچائي کي نه لکڻ تي زور ڀرين ٿا. پر صحافت جي ڀيٽ پيغمبري پيشي سان آهي صحافي پنهنجي قلم کي غريب جي آواز ۽ امير جي ڪوڙ تي ذرو به نه لنوائيندا آهن. ڇو ته هو پنهنجي پيشي سان سچا هوندا آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ترقيءَ جو اھم ڪارڻ علم، تحقيق، ايمانداري ۽ قانون جو هجي ٿو پر اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتيءَ سان اهي ترقي يافته سڀ ڪرپٽ آهن. هتي علم پرائڻ جو مقصد صرف گريڊ اچڻ آهي. تحقيق جو نالو صرف رٽو آهي. ۽ قانون جي علمبرداري صرف انهي تي لاڳو آهي. جيڪي ڪمزور آهن ۽ جن وٽ قانون خريد ڪرڻ جي سگهھ نه هجي. دنيا جي چوڌاري هڪ اهڙو صحافي به رهيو آهي جنهن سچائي جو ساٿ مرڻ گهڙي تائين نه ڇڏيو. جنهن جو نالو جيڪو لنڊن آهي اسان وٽ سچي صحافي جو نالو گونجائڻ ته پري جي ڳالهه سچ لکڻ تي ٻئي ڏينهن ماريو وڃي ٿو.

عزيز ميمڻ جي قتل سان اهو پيغام پهچايو ويو آهي ته اڄ کانپوءِ ڪو به سچ لکندو ته ائين ماريو ويندو. اسان جو قانون، ڪورٽون خاموشي جو مرڪز بڻيل آهن.  ڪجهه ڏينهن پهريان پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ادي شهناز انصاري کي به گوليون هڻي ماريو ويو. جنهن معاشري ۾ اسيمبلين جا ميمبر ئي محفوظ ناهن اتي اسان ڪيئن ٿا محفوظ رهي سگهون. دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن دعائون فاتحه خواني وغيره ٿينديون پوءِ وري اسين وساري ويهي رهنداسين معمول جيئان لاشعور معاشري تي شعور هڪ وڏو جرم آهي. صحافت جو قتل شعور جو قتل آهي.

آواز جو قتل، انصاف جو قتل، همدرديءَ جو قتل، هي معاشرو قاتلاڻو لباس پائي ويٺو آهي، خدارا جلد کان جلد عزيز ميمڻ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. جيئن ڪو صحافي دوست بغير ڊپ ڊاءَ جي سچ سان نڀائي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.