ھڪ نئون افغان امريڪا معاھدو ۽ ھڪ نئين ڀڃڪڙي ؟ 

افغان جنگ کي ختم ٿئي ورهيه گذري ويا آھن پر جنگ ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نٿي وٺي، جڏھن به دوھا ۾ ڳالھهيون شروع ٿينديون آھن ان وقت  يا ته طالبان طرفان يا امريڪي افغان فورسز طرفان ان جي ڀڃ ڪڙي ڪئي ويندي آھي ھن سڄي پسمنظر پويان انڊين ۽ اسرائيلي لابي جون سازشون آھن اھي ھن خطي ۾ امن جي بحالي نٿا چاھين، پاڪستان ماضي ۾  امريڪي رضا خاطر روس ۽ افغان مجاھدين جنگ ۾ مجاھدن کي مدد مهيا ڪئي انڪري  اسان وٽ لکين افغان پناھگير  باشندن اچي اسان جا شھر وسايا، نتيجو اھو نڪتو جو  اڄ ڪراچيءَ سميت ملڪ جي سڀني شھرن ۾ اھي افغاني وڏي تعداد ۾  نه فقط رھن ٿا پر انھن مستقل بنيادن تي شھريت به حاصل ڪري ورتي آھي.

ٻئي پاسي نائين اليون کان پوءِ طالبان ۽ امريڪي جنگ جي ڪري  اسان وٽ ٻيھر افغان پناھگيرن  جا ڪٽڪ اچي ترسيا آھن ھنن جي واپسي جي لاءِ پاڪستان اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي سندس تازي دوري دوران ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو آھي ان جو ڇا ٿيندو؟ اھو اڳتي ھلي خبر پوندي، پر ھن جنگ ۾  پاڪستان  پنھنجي لکن جي  تعداد ۾ شھرين ۽  فورس جي ماڻھن جي جانين جي قرباني پيش ڪئي ۽ اربن جو نقصان ڪيو آھي ۽ پنھنجي  امن کي به  داءَ لڳائي ڇڏيو آھي پر  افسوس جو ايستائين  امريڪا جي طرفان ڪابه سٺي موٽ نه ملي آھي، الٽو ھن  پاڪستان کي شڪ جي نگاھ سان ڏٺو آھي ۽ ان سڄي مسئلي جو فائدو انڊيا کي ملندو رھيو ھو،

انڊين حڪومت  ڪرزئي جي دوستي جو فائدو وٺي اتي جنگ جي ڪري تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي بحالي جا ٺيڪا کڻي خوب ڪمايو آھي ۽ افغانستان جي جنگ ۽ سياست تي اثر انداز ٿيندو رھيو آھي  نتيجو اھو نڪرندو رھيو آھي ته جڏھن به پاڪستان طالبان کي ميز تي آڻي ڳالهيون شروع ڪرايون آھن ان وقت ضرور افغانستان ۾ ڪونه ڪو مسئلو ٿيو آھي جنھن جي ڪري ڳالھيون رڪجي ويون آھن ان سڄي مسئلي پويان مودي،  نيتن ياھو  مائينڊ سيٽ آھي، سندن لڪل ادارا را ۽ موساد  افغان، امريڪا امن ۾  بگاڙ وجھي رھيا  آھن ڀارت جو خيال آھي ته جيڪڏھن  افغانستان ۾  امن امان برقرار ٿيو ته ان جا اثر ڪشميري مسلمانن جي تحريڪ جي فائدي ۾ ويندا ان ڪري ڀارت رڪاوٽ وجھي رھيو آھي .

ساڳي طرح اسرائيل به فلسطينين کي دٻائڻ خاطر امريڪا کي افغان جنگ ۾ ڦاسائي مسلمانن لاءِ امريڪي حڪومت ۽ عوام جي دلين ۾  نفرت جي فضا مستقل بنيادن تي قائم ڪري پنھنجي ايجنسين  ذريعي افغان امن کي مستقل داءَ تي لڳائڻ ۾ وسان ڪونه گھٽايو آھي،   جنھن جو تازو مثال ٿا وٺون ٿا ته زلمي خليل زاد ۽ پاڪستاني ڪوششن سان ھڪ دفعو وري دوحا ۾ امن معاھدي تي  امريڪي اختياريون ۽ طالبان ليڊر متفق ٿي ويا آھن ان سلسلي ۾ ھن مھيني جي آخر ۾  صحيحون ڪرڻ وارا آھن جنھن جي پڌرائي بابت طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جي ميمبر ملا عبدالسلام حنفيءَ پنھنجو  وڊيو بيان جاري ڪيو آھي جنھن معاھدي تحت  پھرين مرحلي ۾ امريڪا، 1000 افغان فوجن جي رھائي جي بدلي ۾ 5 ھزار طالبان رھا ڪندو ، تنھن کان پوءِ باقاعده ڳالھيون شروع ٿيندو جنھن ۾ امريڪي فوجين جي نيڪالي سر فھرست ھوندي، پر ائين ئي ھيڏاھن ڳالھهين ڪنھن مرحلي تي مس مس پھتيون آھن ته افغانستان جي صوبي نمروز ۾ طالبان امريڪي فوجي ھيلي ڪاپٽرڪيرائي  تباھ ڪيو آھي  ۽ قندوز صوبي ۾  ھڪ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري 29 اتحادي فوجي ماريا  آھن اھو وري به ائين ٿيو آھي جيئن ھميشه ڪرايو ويندو آھي اھڙين سازشن  پويان ڪي لڪل قوتون آھن اھي قطعي امن برقرار ڪرڻ نه ڏينديون الٽو مسئلي کي ڊگھو ڪري پنھنجو مفاد حاصل ڪرڻ چاھينديون ان ڪري امريڪا سرڪار، طالبان ۽ خود افغان حڪومت کي به ان طرح  جي سازشن کي ناڪام ڪرڻو پوندو،

ڏٺو وڃي ته افغانستان ۾ امن جي حالت خراب ھجڻ  نه فقط پاڪستان جي مفاد ۾ آھي پر وچ ايشا، ڏکڻ ايشيا، مغربي ايشيا يعني ايران جي به فائدي ۾ به نه  آھي، جڏھن  گذريل سيپٽمبر ۾ ٽرمپ پاران طالبان، امريڪا ڳالھيون منسوخ ڪيون ويون ھيون، ان تي مختلف ملڪن افسوس ڪيو ، نتيجو اھو نڪتو جو  پس پرده ٻنھي طرفن کان اھي ڪوششيون جاري ھيون ته ڳالھيون ٿين. تنھنڪري ان سلسلي ۾ ھڪ ڀيرو وري ڳالهيون شروع ٿيون آھن، ڇو جو ان ۾ امريڪا جو به فائدو آھي، جيئن اڳ طالبان ھڪ بيان جاري ڪيو ھو ته ڳالهين کي روڪڻ ۾ امريڪا جو نقصان وڌيڪ آھي طالبان جو گھٽ آھي،

اھا حقيقت آھي ته امريڪا  پنھنجا اربين ڊالر ۽ فوجي جانيون  ھتي وڃايون  آھن  ھو جنھن نيت سان افغانستان ۾ داخل ٿيو ھو اھو ھن جو خواب پورو نه ٿي سگھيو آھي ان ڪري ھو ڳالهين ذريعي افغان جنگ مان جان ڇڏائي رھيو آھي. ھن جنگ ۾ ھن اھو سمجھيو ھو ته افغانستان ۾ داخل ٿي سڄي ڏکڻ ايشيا کي ڪنٽرول ڪندو ايئن ڪرڻ ته پري جي ڳالھه پر رڳو افغانستان جي جنگ ۾ ايئن ڦاسي پيو آھي جو ھاڻ جان نٿي ڇٽيس ھوڏانھن افغان عوام به چاھي ٿو ته امريڪي اتحادي فوجون جلد کان جلد نڪرن جيئن سندن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي. ھن وقت افغانستان جي حالت اھا آھي جو گذريل اليڪشن ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ واري آبادي واري ملڪ جي  70 لک 90 ھزار رجسٽرڊ ووٽرن مان فقط  50 لک ماڻھن ووٽن ۾ حصو ورتو آھي، جڏھن ته ملڪ کان ٻاھر 60 لک افغان تارڪين وطن ھن ووٽنگ کان پري رھيا ان کان علاوه 30 لک مھاجر خود ملڪ اند رھن ٿا اھي به ووٽ جي حق کان محروم بڻيا   ان کان علاوه ووٽنگ جو عمل به ڪافي پيچيده ھو اتي اھي خبرون به  پڙھڻ لاءِ مليون آھن ته غير ملڪي سفارت خانن پنھنجن پسنديده ماڻھن کي کٽرائڻ لا۽ خوب ڪوششيون ڪيون ھيون. بھر حال ھاڻ اھو  ضروري آھي ته  افغانستان جو امن برقرار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون بند نه ٿيڻ گھرجن  جيئن مسئلي جو حل ڪڍي مستقل بنيادن تي امن کي بحال ڪري پوري خطي جي داءَ تي لڳل امن کي به ھٿي ڏئي بحال  ڪجي جيئن پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ رھندڙ افغان باشندا وطن واپس وڃن ۽ پاڪستان مٿان به افغان پناھگيرن جو بار لھي پوي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.