زهريلي گيس وارو سانحو: غفلت، بدانتظامي ۽ نااهلي جو نتيجو آهي

حميده گهانگهرو

ڪجهه ڏينهن کان اِها بيحد ڏک واري خبر  ٻڌڻ ۾ آئي ته ڏسندي ڏسندي انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجي ويون، ڪياماڙيءَ ۾ پراسرار زهريلي گئس سبب 14 جانيون ڪيئن ڳڙڪي ويون، ڪير به ذميداري قبول ڪرڻ لاءِ تيار  ناهي. ڇا 21 صديءَ ۾ به بي وسيءَ جي خبرن سان عام ماڻهو مايوس ٿيندو رهندو. ٽين دنيا جي غريب ماڻهن تي قسمت جو اهو من گھڙت کيل آخر ڪيستائين هلندو. ڪنهن به آفت يا اوچتي  موت جا سبب معلوم هئڻ گھرجن. اها 21 صديءَ جي خاص سڃاڻپ هئڻ گھرجي. انهيءَ ڪري دنيا انهن من گھڙت فتوائن ۽ خطرناڪ اثرن تي تجربا ۽ تحقيق ڪري فوري بچاءَ جا اپاءُ وٺڻ شروع ڪندي آهي پر ٽين دنيا جي ماڻهن جي احساس ۽ جذبي کي اڄ به انتظار جي سوليءَ تي لٽڪايو وڃي ٿو. يوناني ڏند ڪٿائن کي نظر ۾ رکجي ته صرف وهم وسوسا سوچ  کي نهوڙي ڇڏين ٿا، وري ٻئي پاسي يونان ئي پوري دنيا جي ڳانڍاپي جو فلسفو ڏنو. سقراط، ارسطو، افلاطون کي اڄ به ڪنهن سماجي تبديلي جي نظرئي کي اوليت حاصل آهي.

نظريا، انسانن جي سجاڳي ۽ ترقي جو سبب هوندا آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته انسانن جي جان ضايع ٿئي ۽ ننڍڙي ٻارن وانگر ڄڻ رانديڪي جي ڳولا هجي. هاڻِي انهيءَ ٻاراڻي راند مان سياسي ۽ سماجي طور نڪرڻ گھرجي.

باشعور قوم جي سڃاڻپ اها آهي ته حقيقت کي تلاش ڪري ۽ حقيقت اها آهي ته موتمار گئس ڦهلجڻ جا سبب بدانتظامي ۽ نا اهلي آهي. ذريعا ٻڌائن ٿا ته ٻاهرين ملڪن مان جيڪو به سامان ايندو آهي ته ان جي چڱيءَ طرح جاچ پڙتال ڪري اسپري ڪيا ويندا آهن جيئن موسميات جي تبديليءَ يا ماحولياتي گدلاڻ جا اثر ختم  ٿي وڃن. اهڙي نموني ٽين دنيا  جي سڃاڻپ غريب ملڪ طور ليکي وڃي ٿي ۽ اڪثر ترقي يافته ملڪن جو استعمال شده ڪپڙو، بيگس وغيره پاڪستان  ۽ ٻين ملڪن مان ايندا آهن. اهي ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ايترو ته خوبصورت ۽ نواڻ جو ڏيک ڏيندو آهي جو ملڪ جو غريب طبقو ۽ چڱو خاصو مڊل ڪلاس به خاص طور سردين ۾ انهن ڪپڙن جو استعمال ڪندو آهي پر بين الاقوامي اصول مطابق ڪراچي پورٽ تي پهچڻ کانپوءِ سامان اڃان ڪنٽينرز ۾ ئي هوندو ته ان ۾ اهڙيون دوائون استعمال ڪيون وينديون ۽ ان جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ڪمپنين جي سهاري جوڳا اپاءَ وٺڻ جا انتظام ڪندي آهي .

ذريعن موجب ڪنهن به ٻاهران آيل سامان جي PICT   (پاڪستان انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل)  تي پهچڻ کانپوءِ في مي گيٽ ٿيندو آهي، لنڊا جي ڪپڙن جي فيوميگيشن انتهائي ضروري هوندي آهي. انهيءَ جي ذميداري هڪ ڪمپني پروگريسو فيوميگيشن ڪارپوريشن ڪندي آهي، اها ذميواري پلانٽ پروڊڪشن جي هئي ان جي اجازت کان سواءِ ميٽائيل برومائيٽ C H3 BR  گئس  وجهي ڇڏي ۽ سب اسٽينڊرڊ انتظام هئڻ ڪري گئس ليڪ ٿي جڏهن ته فيڊرل منسٽري فوڊ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي ذميواري هوندي آهي ته اهي پنهنجي سامهون  ميٽائيل گئس وجهرائين.  جڏهن ته سامهون گئس نه وجهرائڻ ڪري اهو مسئلو پنهنجي آڏو آيو.

جڏهن ته هن ڪمپني جي اها ذميداري آهي پر ان طرفان ذميداري نه کڻڻ ڪري گئس جو استعمال ڪنٽينر جي اندر نه ڪيو ويو جيڪڏهن ڪنٽينر ۾ اندر استعمال ڪجي ها ته گئس ليڪ نه ٿئي ها .

انتهائي ڏک واري خبر اها به آهي ته ميٽائيل برومائيٽ جي استعمال تي سڄي دنيا اندر بندش آهي. هي گئس چائنا ۽ آمريڪا ۾ گھڻي ٿئي ٿي پر اهي ٻئي ملڪ ان کي زهريلي هجڻ ڪري استعمال نٿا ڪن . ٻيو ته ٺهيو  پاڪستان UNO جو ميمبر آهي ۽ ميمبر هئڻ جي باوجود اها اخلاقي ڀڃڪڙي ڪري انساني جانين لاءِ خطرو پيدا ڪيو وڃي ٿو.

ذريعن موجب ته هن گئس جا اثر انساني زندگيءَ کانسواءِ اوزون تي به پون ٿا جنهن جي ڪري ان قدرتي نعمت جي موسمن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي . ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ پوندڙ شديد گرميءَ جا سبب به اهي هئا. سنڌ ۾ موسمي طور ڪراچي کي ڪوئيٽا چيو ويندو هو، ڪراچي جي موسم گرمين ۾ ميهوڳي واري هوندي هئي پر هاڻي سڄي سنڌ جي موسم هڪجهڙي هوندي آهي.

جڏهن ته لنڊي جي ڪپڙن کي شفاف ڪرڻ  لاءِ نارمل فاسفين گوريون به استعمال ڪري سگهجن ٿيون. پر سستي هئڻ جي چڪر  ۾ انسان زندگي کي داءُ تي لڳايو ٿو وڃي.

ذريعن موجب هن گئس جو اثر 36 کان 48 ڪلاڪن تائين هلندو آهي. انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ويجهڙائي ۾ رهندڙ آبادي جون زندگيون ڪيتري خطري  ۾ هونديون  ۽ ان جا نقصان به ٿيا آهن. خاص طور وڏي عمر جا ماڻهو ۽ ننڍن ٻارن تي به هڪدم اثر پوندا آهن . هن گئس جو رنگ يا ڌپ ناهي هوندي صرف اکين  ۾ ساڙو، پيٽ ۾ مروڙ پوندا ته  سمجهي وڃبو ته انهيءَ گئس جو اثر آهي پر اهو به معلومات رکندڙ ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. عام ماڻهو ته صرف وائڙو ٿي زندگي جي دعا گھرندو رهندو .

تجربا ڪندي دنيا چنڊ تي پهچي وئي پر هتي ڌرتي جي خطرناڪ هٿ ٺوڪي اثرن کي ختم نٿو ڪري سگهجي . جڏهن ته پروگريسو فيوميگيشن ڪارپوريشن پاڪستان جي ئي ڪمپني آهي تنهن هوندي به هن ۾ معاملي جي حساسيت جو اندازو نه لڳايو ويو.

ڪٿي ايئن ته ناهي جو متعلقه ادارن جي غير ذميداري ڪري ڪيتريون جانيون ضايح ٿيڻ سان گڏ ذهني انتشار  ۽ مايوسي وارو ماحول پيدا ٿيو آهي. اهو سمجهڻ گھرجي ته ڪي به زهريليون گئسون ڪيئي سالن  ۽ نسلن تائين پنهنجا  اثر ختم ناهي ڪري سگهنديون ، جنهن جو مثال سيڪنڊ ورلڊ وار ۾ ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بمباري کانپوءِ  اثر ٿيا پر جاپان ان مان نڪري به ڏيکاريو ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي ٽيڪنالاجيءَ ۾ پوري دنيا تي ڇائنجي ويو.

جڏهن ته هر طرح الرٽ رهڻ واري ميرين سيڪيورٽي  ۽ پاڪستان نيوي ڊپارٽمينٽ الرٽ رهندو آهي ، سامونڊي طوفان هجي يا سونامي جو خطرو بلاسٽ ڪري خطري کان بچايو ويندو آهي. ڇا ڪسٽم وارن کي خبر نه هئي جو هو بچاءُ ڪن هان .

سنڌ ۽ مرڪزي حڪومت کي جاچ ڪري معاملي جي تهه تائين پهچڻ گھرجي جيئن ان روشني ۾ اڳتي لاءِ احتياط ڪري سگهجي .چيف جسٽس کي به ايڪشن کڻڻ گھرجي ۽ عوام جي ويساهه کي بحال ڪجي. جيڪڏهن عوام  خاموش ۽ عدالتون  انصاف ڏيڻ کان آجيون ۽ حڪومت جي بي حسي هوندي ته پوءِ ڪڏهن شير شاهه سانحو ته ڪڏهن ٽاور سانحو ته ڪڏهن ميلاد جي محفل ۾ ڌماڪو ٿيندو ڇا انسان جي زندگيءَ جي ڪا قميت ناهي اهو اڄ جو اهم سوال آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.