شاگردن جي تعليم تي ڌيان ڌريو !

سدا حيات جلباڻي

متان وساريو تـ “پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو” جو اصول (موٽو) ترقيءَ جو مضبوط بنياد ۽ اڳتي وڌڻ جي پڪي ضمانت آهي. جن جن قومن ان تي عمل ڪيو آهي، اهي ساري ڌرتي ته ڇا چنڊ ۽ مريخ تائين وکون وڌائي ويون آهن ۽ جن جن قومن اهو سبق وساري ڇڏيو آهي، اهي اڃان تائين تاريخ جي دز چٽي رهيون آهن. سچي علم جي حاصلات ٽڪر ٽاڪڻ جي برابر آهي. گسٽا ۽ سپلا جا صاحبو! اوهين رهبر آهيو، رهنما آهيو. رهبري ڪريو، رهنمائي ڪريو. سچا رهبر اهي آهن جن پاڻ وساري صرف مقصد کي اوليت ڏني آهي.  لطيف سائين جو هي چوڻ ٻڌو:

وصل تنهن وڃائيو، سينڌ سرمي سيئن،

سا لوٺي ليلان جيئن، مڻيو جنهن مِٽُ ڪيو.

(لطيفي ڊاڪٽرائين جي اصل سرچشمي “شاهـ جو رسالو” جي مرتب ڪلياڻ آڏواڻي مٿئين بيت جو مطلب هي لکيو آهي: جا سينڌ ۽ سرمو ٿي ڪري، سا وصل وڃائي ٿي. جا منڌ مڻيي سان نينهن رکي ٿي، سا ليلان وانگر  پهنجو سهاڳ لٽائي ٿي. ــ واضح هجي تـ مڻيي جو اڄوڪو روپ روپيا ۽ روڪڙا آهن.) پنهنجو پاڻ وساري علم ڏيڻ وارا هر قيمت کان مٿاهان آهن. انهن جي سچي محنت جو ملهـ ڪٿي نـ ٿو سگھجي. “منهنجو اگھه پڇين ٿو آمر، منهنجا گيت ڳنهي سگھندين، تون!” ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان کي وطن جي شاعر شيخ اياز جي للڪار سڀني کي ياد هئڻ گھرجي.

استادن کي تمام وڏو مشن مڪمل ڪرڻو آهي. هي جو سنڌو ندي ۽ سنڌ جي مها ساگر سمان سائين جو رسالو آهي. ان جي سُر سُر ۽ سِٽ سِٽ تي لکڻو آهي: سنڌيءَ ۾ لکڻو آهي. انگريزيءَ ۾ لکڻو آهي. اردو ۾ لکڻُو آهي. ڪيمسٽري جي حساب سان لکڻو آهي. فزڪس جي حساب سان لکڻو آهي. حسابن ۽ الجبرا جي حساب سان لکڻو آهي. تاريخ جي حساب سان لکڻو آهي. جاگرافي جي حساب سان لکڻو آهي. اهو سڀ ڪجهھ استادن ڌاران ٻيو ڪير لکندو؟ شهبازن جيان ڪارونجھر ۽ کيرٿر جبلن جي چوٽين کي پنهنجو مسڪن بڻايو، سائين! جھرڪين وانگر داڻي ڪڻي جي چوڳي تي ايڏو هيٺ نـ لهو جو لطيفي ڊاڪٽرائين جا سڀ درس وساري ويهو. شاگردن جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ آهي. سنڌڙيءَ جو آئيندو اوهان جي هٿن ۾ آهي. ڇا ڇا نـ اوهان جي هٿن ۾ آهي. پاڻ کي سڃاڻو. پنهنجي عظمت جو قدر ڄاڻو. دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو: سنڌ وطن گونگو ناهي، ٻوڙو ناهي. ٻڌايو سڄي جڳ کي تـ لطيف سرڪار صرف سنڌ جو ئي نـ، اڄوڪي ساري عالم جو اڳواڻ آهي.

اميد آهي تـ سمورن سچن استادن لاءِ مشهور تخليقڪار پروفيسر نور احمد جنجھي صاحب جا ريمارڪس ڳوڙهيءَ طرح ويچارڻ جهڙا آهن. جنهن ۾ پاڻ فرمايو اٿن تـ اسان جي سماج ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان گھٽجي رهيو آهي. جڏهن تـ اولهندي وارن سڌريل ملڪن ۾ اهو لاڙو وڌي رهيو آهي. ياد رکو استاد ئي ڪتابن جي مطالعي ۾ شاگردن جي دلچسپي وڌائي سگھن ٿا.

سرڪار لطف جو فرمائڻ آهي:

“ڪچي سان ڪهي، پڪو نـ پڇي سهڻي.” مقصد اهو آهي تـ منزل طرف وڌڻو آهي. ڪنهن مطالبي، ڪنهن هڙتال ۽ ڪنهن اسٽرائيڪ جو سڏ ناهي ڏيڻو. ڪچي پڪي جو تفاوت ناهي ڪرڻو. بس، وک اڳتي وڌندي رهي. منزل اوس ملندي. سڏ صرف هڪڙو ئي آهي: “سانڀر” جو سڏ. اهو سڏ سڀني کان اتم آهي. ٻيا سڀ سڏ سانڀر جي سڏ آڏو هيچ ۽ نيچ آهن. اهو ئي لطيفي ڊاڪٽرائين آهي. اها ئي اڳتي وڌڻ جي راهـ آهي. اهو ئي ترقيءَ جو دڳ آهي. انهيءَ واٽ تي ئي استادن جي رهبري ۽ رهنمائي کپي. “جان جان هئي جيئري ورچي نـ ويٺي” ساري عمر ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهـ ڏياريندڙ سٽ پل پل ۽ گھڙي گھڙي عمل ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿي. انهيءَ سبق تي استاد پاڻ بـ عمل ڪن ۽ پنهنجي شاگردن ۾ بـ جاڳرتا پيدا ڪن. مان وارا سائين، جلوس ڪڍڻ وڏي ڳالهـ نـ آهي. شعور پيدا ڪرڻ وڏي ڳالهـ آهي. ياد ڪيو تـ محترم علامه آءِ آءِ قاضي، سائين ! غلام مصطفيٰ شاهـ، سائين  شيخ اياز، سائين مظهر صديقي، سائين نثار احمد صديقي ۽ سائين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جهڙنن اورچ انسانن نوجوانن جي ڪهڙي ريت پنهنجي دور جي شاگردن جي ذهني پرورش ۽ پالنا ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽي مان ئي ڄام ساقي، لالا قادر، محمد يوسف لغاري، محمد يوسف ٽالپور، مسعود نوراني ۽ ترين ڀائرن جهڙا ارڏا شاگرد اڳواڻ پيدا ٿيا آهن. اڄ بـ اهڙي گجگوڙ ڪرڻ وارا دلير شاگرد پيدا ٿي سگھن ٿا. صرف هڪڙو شرط آهي: لطيفي ڊاڪٽرائين کي پاڻ سمجھڻ ۽ ٻين کي سمجھائڻ.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.