پوليس جو ڪم ڇا فرقيوار سرگرميون ڪرائڻ آهي ؟!!!

قاضي آصف

پاڪستان يا ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڪنهن ضلعي جي ايس ايس پي پنهنجي حڪمن هيٺ ضلعي جي پوليس فورس جي 400 ماڻهن کي باقائدي هدايتون جاري ڪري تبليغ تي موڪليو هجي. ۽ اهو به سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾.

ان حوالي سان مون ڪالهه لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي، مسعود بنگش کي فون ڪري اصل حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پهريون ته چيو ته اها خبر درست ناهي، وري ساڳئي وقت چيو ته ٻن، ٻن ڏينهن جي مختصر وقت لاءِ ويا هئا. ان جو مطلب ته خبر سئو سيڪڙو درست آهي. هو وضاحت ڪرڻ مهل، سنڌي ۾ چئبو آهي ته ٿٿان ڦٿان ٿيڻ لڳو.

مسعود بنگش کي اهو سوچڻ گهرجي ته هن  جيڪا پوليس ۾ فرقيواريت ۽ مذهبي لاڙو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ ڇا سنڌ يا ڪنهن به پوليس جي قانون ۾ اها اجازت آهي ته پوليس اهلڪارن کي هدايتون جاري ڪري تبليغ تي موڪلجي؟ سبب اهو ته سپاهين کي لاش کي غسل ڏيارڻ به نه ٿو اچي! پوليس سپاهين کي امن امان قائم ڪرڻو آهي يا لاشن کي غسل ڏيارڻا آهن؟ کيس اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته قانون کان هٽي ڪري، رڳو مذهب جي بنياد تي فيصلا ۽ عمل ڪرڻ سان خيبرپختونخواه جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي ۽ هاڻي هو سنڌ کي خيبرپختونخواهه ڇو ٿو بڻائڻ چاهي؟

ڀلا بنگش صاحب اهو به جواب ڏئي، ڳالهه ته هاڻي کلي آهي ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مقرريءَ دوران  هو اهڙو “ثواب” ڪيتري عرصي کان ڪمائيندو ٿو اچي، سنڌ پوليس جي گهڻن اهلڪارن کي هو تبليغي بڻائي چڪو آهي؟ بنگش صاحب پاڻ تبليغ تي وڃي ته اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي ڇو ته اهو سندس عقيدو ۽ حق آهي پر، هڪ ذميدار پوليس آفيسر جي حيثيت ۾ اهو سندس حق ناهي ته پنهنجا عقيدا ٻين تي ان بنياد تي مڙهيندو رهي ته هو سندس زيردست آهن ۽ هر حڪم مڃڻ جا پابند آهن.

مسعود بنگش صاحب کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته هن پوليس رولز  جي ڀڃڪڙي ڪري، پوليس اهلڪارن مٿان پنهنجو مسلڪ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته آءِ جي سنڌ پوليس ، لاڙڪاڻي جي موجوده  ايس ايس پي، تي قانون جي خلاف ڪم ڪرڻ سبب شوڪاز جاري ڪري پڇاڻو ڪري ها ته هو پنهنجن فرضن کان علاوه ڪنهن مذهبي فرقيواري سرگرمين ۾ ملوث ڇو آهي؟

جڏهن سنڌ جي آءِ جي ڪليم امام، سيفٽي ڪميشن ۾ مختلف پوليس اهلڪارن تي الزام لڳايا ته ان وقت هو لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي جي مذهبي سرگرمي کي ڇو لڪائي ويو؟ ۽ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ کيس سي آءِ ڊي پاران رپورٽ نه موڪلي وئي ته اها هڪ ٻي نا اهلي آهي جنهن جو پڻ پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.

لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي کان اهو پڇي سگهون ٿا ته باڊهه سميت ٻين علائقن ۾ امن امان جي صوتحال سخت خراب آهي ان تي ڪيترو ڌيان ڏنو ويو آهي؟ ڇا ضلعي مان، منشيات، جوا جا اڏا ختم ٿي ويا،  ڦر جون وارداتون ختم ٿي ويون آهن؟

بجاءِ جو ڏوهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پوليس کي جديد تربيت ڏيڻ جو بندو بست ڪري، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، پوليس کي ٻين ڪمن تي لڳائي ڇڏيو. جيڪڏهن ايس ايس پي لاڙڪاڻي جي هن حرڪت تي قدم نه کنيو ويو ته مذهبي ۽ فرقيواراڻي عمل جو نئون پنڊارا باڪس کلي پوندو. پوءِ صحت ، تعليم، زراعت ۽ ٻين کاتن جا ضلعي آفيسر به پنهنجي ملازمن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪرڻ شروع ڪندا ته هو، سندن فرقي ۽ عقيدي موجب هلن. اهو ڪنهن به جمهوريت پسند، خدا ترس معاشري لاءِ تباهيءَ جهڙو عمل آهي.

جيڪڏهن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود بنگش جي خلاف ڪو قدم نه ٿو کڻي ته، سنڌ جو وڏو وزير ان حوالي سان اڳتي اچي ۽ مسعود بنگش جون خدمتون وفاق حوالي ڪري، سندس خلاف انڪوائري ويهاري وڃي ۽ هن جيڪڏهن سنڌ ۾ فرقيواريت جو ٻج ڇٽيو آهي ته ان کي بروقت منهن ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.