چين ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو نه آيو، ٻه هزار فوت

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ ٻه هزار کان به وڌي ويو.

صحت جي چيني ڪميشن اڄ اربع ڏينهن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن وڌيڪ 136 ڄڻا فوت ٿيا، اهڙي ريت ان وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 2004 ٿي ويو آهي.

وڌيڪ تقريبن 1750 ماڻهن ۾ نشاندهي کانپوءِ ڪووڊ اوڻويهه جي مريضن جو انگ 74 هزارن کان وڌي ويو آهي.

هوڏانهن جاپان ۾ هڪ تفريحي جهاز ”ڊائمنڊ پرنسس“ جي مسافرن کي ٻن هفتن کانپوءِ جهاز تان لهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

ٽوڪيو اختيارين موجب مسافرن کي جهاز مان ڪڍڻ جو عمل ٽن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.