ڪراچي ۾ پيٽرول جو بحران، اگهه ٻيڻا ٿي ويا…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) سميت مختلف آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ٽرمينل بند ڪري ڇڏيا جنهن جي ڪري شهر ۾ پيٽرول جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.

تفصيل موجب ڪياماڙي ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين کان پوءِ علائقي ۾ واپاري سرگرميون ٺپ ٿي ويون آهن، جيڪسن مارڪيٽ سميت ننڍا وڏا واپاري مرڪز بند آهن جڏهن ته شهرين ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙيل آهي.

زهريلي گيس جا اثر ڪياماڙي جي آئل ٽرمينلز تي به پيا آهن، عملي جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي پي ايس او سميت ٻين آئل ڪمپنين ٽرمينلز بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب شهر ۾ پيٽرول جي سپلاءِ متاثر ٿي رهي آهي.

آئل ٽرمينل بند ٿيڻ سبب شهرين کي پيٽرول جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو پوي، پيٽرول پمپن گاڏين کي 10 ليٽر کان وڌيڪ پيٽرول ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مختلف پيٽرول پمپن تي اگهه وڌائي ڇڏيا آهن.

شهر ۾ پيٽرول 160 کان 200 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول پمپ بند ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.