ڊيرن سيمي جي شهريت لاءِ درخواست پاڪستاني صدر جي ٽيبل تي…!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي چيو آهي ته ڊيرن سيمي کي اعزازي شهريت ڏيڻ جي درخواست صدر جي ٽيبل تي موجود آهن.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن جي ٽرافيءَ جي افتتاح کانپوءِ فرنچائز مالڪن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي پشاور زلمي جي جاويد آفريدي چيو ته پي ايس ايل پاڪستان ۾ ٿيڻ پاڪستاني عوام لاءِ خوشخبري آهي، ليگ جي ڪاميابي پاڪستان لاءِ تمام ضروري آهي.

هن چيو ته پشاور زلمي جو ڪپتان ڊيرن سيمي پاڪستان لاءِ هاڪاري جذبا رکي ٿو ۽ مان سندس لاءِ اعزازي شهريت جي درخواست ڏني هئي، جيڪا صدر جي ٽيبل تي موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.