اٽارني جنرل پنهنجي بيان تي معافي وٺي…! سپريم ڪورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل چيو آهي ته هو بئنچ بابت پنهنجي بيان تي مواد پيش ڪري يا معافي گهري.

سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ صدارتي ريفرنس خلاف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

اٽارني جنرل انور منصور دليل ڏيندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي برطانيا جون ملڪيتون گوشوارن ۾ ظاهر ڪرڻ گهرجن ها، مٿس ريفرنس ۾ ٻه الزام آهن.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو گذريل ڏينهن به هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪيون ويون، ڪيس تي فوڪس ڪرڻو آهي، اهو ڏيکاريو ته گهرواري جا اثاثا حقيقت ۾ معزز جج جا اثاثا آهن.

جسٽس منير اختر پڇيو ته جيڪڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گوشوارن ۾ پراپرٽي ظاهر ڪري ها ته ڇا توهان ريفرنس داخل ڪيو ها؟

اٽارني جنرل چيو ته جسٽس قاضي گوشوارن ۾ پراپرٽي ظاهر ڪري ها ته ريفرنس نه ٺهي ها، هن ملڪيت ظاهر نه ڪري مس ڪنڊڪٽ ڪيو، هن ملڪيتون تسليم به ڪيون آهن.

جسٽس فيصل عرب چيو ته جيڪڏهن مان ڪا ملڪيت ظاهر نه ڪيان ته منهنجي خلاف ريفرنس داخل ٿيندو؟ اٽارني جنرل وراڻيو ته اسان پراپرٽي جي خريداري جي ذريعن کي به ڏسي رهيا آهيون.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته ٽيڪس جي معاملي جي انڪوائري کانسواءِ ريفرنس ٺاهيو ويو، ڇا ڪو شخص پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جي پرڏيهي اثاثن تي احتساب لائق آهي؟ ڇا اها هڪ ايف آءِ آر آهي يا صدارتي ريفرنس آهي؟ صدارتي ريفرنس ٺوس مواد تي هوندو آهي، جج جي گهرواري ۽ ٻارن کان جواب گهرڻ بنا ريفرنس ٺاهيو ويو، اهو دليلن جو طريقي ڪار ناهي، تحريري طور پنهنجا دليل ڏيو.

اٽارني جنرل چيو عدالت جي سوالن جا ايندڙ تاريخ تي جواب ڏيندس، تحريري دليل نٿو ڏئي سگهان.

سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته اٽارني جنرل بئنچ جي حوالي سان گذريل ڏينهن ڪو بيان ڏنو، هو پنهنجي بيان جي حوالي سان مواد عدالت ۾ پيش ڪري، جيڪڏهن اٽارني جنرل کي مواد هٿ نٿو اچي ته لکت ۾ معافي وٺي، اميد ته گهربل دستاويز پيش ڪيا ويندا.

جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل کي چيو توهان تياري کانسواءِ عدالت آيا آهيو، اسان جو وقت خوبصورتي سان ضايع ڪري رهيا آهيو، ڪالهه توهان ايڏي وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي.

جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته پرڏيهي اثاثن جي حوالي سان قانون موجود آهي، اهو قانون ٻڌايو، اهو قانون ججن تي لاڳو ٿيندو آهي اهو به ٻڌايو؟

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل انور منصور خان پنهنجي دليلن جي شروعات ۾ فل ڪورٽ سامهون اهڙو بيان ڏنو، جنهن کي سپريم ڪورٽ بنا جواز ۽ انتهائي سنگين قرار ڏنو، جڏهن ته عدالت ميڊيا کي به ان بيان جي رپورٽنگ کان روڪيندي ان کي شايع ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.