ڇا توهان کي به نئين جاءِ تي ننڊ ناهي ايندي؟ ٻڌو ان بابت ماهرن جو جواب

 

اهو هڪ عام مسئلو آهي ته ڪنهن نئين جاءِ تي انسان کي ننڊ ناهي ايندي پر ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ ان جو جواب آمريڪا جي برائون يونيورسٽي جي ماهرن ڏئي ڇڏيو آهي.

حقيقت ۾ ننڊ سائنسدانن لاءِ به وڏو مسئلو رهي آهي، ڇو ته اڃا تائين اهي اهو ناهن ڄاڻي سگهيا ته اها ضروري ڇو آهي؟ بس اها خبر آهي ته گهٽ ننڊ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

جانور به سمهڻ جا عادي هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن جانور لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ پنهنجي تحفظ ڏکيو ٿي وڃي ته اهي هڪ اک کولي سمهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، جيئن ڊولفن، ڪڪڙيون ۽ ٻيا، جن جي دماغ جو اڌ حصو ان وقت ۾ سمهندو آهي.

رسالي جرنل ڪرنٽ بائيولاجي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن نئين جاءِ تي ننڊ نه اچڻ جي پويان به اهو ئي سبب آهي، جانورن جيان چوڪس رهڻ.

توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته ڪنهن خطرناڪ اڳڪٿي جي ماحول ۾ سمهڻ جو موقعو ملي ته ذهن ڪنهن حد تائين هوشيار ٿي سگهي ٿو پر بدقسمتي سان اسان جو دماغ هوٽل جي ڪمرن، مائٽن يا دوستن جي گهرن ۽ نئين گهر ۾ به اهڙي خطري کي محسوس ڪندو آهي، جنهن سبب اتي پهرين رات سمهڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

تحقيق دوران 35 صحتمند ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ کين هڪ سليپ ليب ۾ هفتي جي فرق سان ٻه راتيون سمهڻ جي هدايت ڪئي وئي.

انهن رضاڪارن سان اهڙيون مشينون به لڳايون ويون، جيڪي دل جي ڌڙڪي، رت ۾ آڪسيجن ليول، ساهه، اکين ۽ ڄنگهن جي حرڪت سان گڏ دماغ جي ٻين حصن جي سرگرمين کي مانيٽر ڪري رهيون هيون.

سائنسدانن جو گهڻو ڌيان دماغ جي هڪ اهڙي رويي تي هو، جنهن سان اشارو ملندو آهي ته ڪو ماڻهو ڪيتري گهري ننڊ سمهي رهيو آهي ۽ انهن اهو به ڏٺو ته ڪمري ۾ مداخلت ننڊ جي گهرائي کي ڪيتري حد تائين متاثر ڪندي آهي.

سائنسدان دماغ جي ٻنهي حصن ۾ فرق کي نه ڏسي رهيا هئا پر انهن اهو پتو لڳايو ته پهرين رات ننڊ دوران رضاڪارن جي دماغ جي کاٻو حصو وڌيڪ چوڪس نظر آيو.

واضح رهي ته چيو ويندو آهي دماغ جو کاٻو حصو اڻڄاڻ آوازن جي حوالي سان وڌيڪ حساس هوندو آهي.

هڪ هفتي کانپوءِ رضاڪار ٻيهر ان جاءِ تي آيا ۽ دماغي سرگرمين جو اشارو مليو ته هاڻ دماغ ان ماحول کي سمجهي چڪو آهي ۽ ٻنهي حصن ۾ هوشيارپ جي سطح برابر هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.