ايف اي ٽي ايف جو پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظهار

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) ايف اي ٽي ايف دهشتگردي جي فنانسنگ روڪڻ لاءِ پاڪستاني قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ اهو مطالبو به ڪيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ قانونن کي اثرائتو بڻائڻ ۽ سزائن تي عمل ۾ تيزي آندي وڃي.

گري لسٽ ۾ پاڪستان کي شامل رکڻ يا نه رکڻ بابت غور لاءِ پئرس ۾ جاري ايف اي ٽي ايف اجلاس جي پهرين دور ۾ اڄ پاڪستاني اختيارين دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن کي سزائن، ڏنڊ ۽ هيل تائين جي ڪارروائين بابت آگاهه ڪيو.

اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام مڪمل طور آزاد آهي ۽ عدالتي سزائن تي بنا دير عمل ڪيو پيو وڃي.

وفد حافظ سعيد جي عدالتي سزا بابت به ايف اي ٽي ايف کي آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب پئرس ۾ 21 فيبروري تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو.

پهرين ڏينهن پاڪستاني اختيارين ايف اي ٽي ايف جي اجلاس کي ٻڌايو ته ايڪشن پلان تي ٺوس اڳڀرائي ڪري مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ جي خطرن کي روڪيو ويو آهي، 27 مان 14 نڪتن تي مڪمل ۽ 11 تي جزوي عمل ڪيو ويو آهي، رڳو ٻن نڪتن تي عمل نٿو ڪري سگهجي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پراسيڪيوشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ايف اي ٽي ايف جي سفارشن موجب قانونن ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس جي پهرين دور ۾ دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

پاڪستاني وفد اڱاري ڏينهن به اجلاس کي بريفنگ ۽ سوالن جا جواب ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.