اميد ته آمريڪا افغانستان ۾ ماضيءَ جون غلطيون نه ورجائيندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اميد ته آمريڪا افغانستان ۾ ماضيءَ جون غلطيون نه ورجائيندو.

افغانستان ۾ امن ۽ افغان پناهگيرن بابت ڳالهين دوران خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغان تڪرار جي حل لاءِ هڪ ڌر آهي ۽ ان افغان جنگ جي وڏي قيمت چڪائي آهي، افغان پناهگيرن جي سار سنڀال لاءِ عالمي برادري تمام گهٽ مدد ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي تي ڀاڙين ٿا، اسان کي پائيدار امن لاءِ هڪٻئي جو هٿ ونڊائڻو پوندو، افغان مسئلي جو فوجي حل ممڪن ناهي ۽ سياسي حل لاءِ لچڪ جي ضرورت آهي، پاڪستان افغان پناهگيرن جي باعزت مرحلي وار واپسي چاهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته زلمي خليل زاد جون ڳالهيون ٻڌي اطمينان ٿيو ته آمريڪا ماضي جون غلطيون نه ورجائيندو، اسان کي امن دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻو پوندو، افغان امن لاءِ هاڪاري ڪردار پاڪستان ۾ مفاد ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.