اولمپڪس ۽ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي جا آفيشل ٽوئيٽر اڪائوٽ هيڪ

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اولمپڪس ۽ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي (آءِ او سي) جا آفيشل ٽوئيٽر اڪائوٽ هيڪ ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽوئيٽر ترجمان پنهنجي بيان ۾ اڪائونٽ هيڪ ڪندڙن جا تفصيل نه ٻڌايا پر سندس چوڻ هو ته اڪائونٽ ٿرڊ پارٽي پليٽ فارم طرفان هيڪ ڪيا ويا.

ٽوئيٽر ترجمان ٻڌايو ته جئين ئي اسان کي ان مسئلي بابت آگاهه ڪيو ويو ته اسان هيڪ ٿيندڙ اڪائونٽن کي جزوي طور لاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ماهر اڪائونٽن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

اولمپڪس ۽ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي جا آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ ڪندڙ پارٽي طرفان هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته هر شئي هيڪ ڪري سگهجي ٿي، پنهنجي اڪائونٽ جي سيڪيورٽي بابت اسان سان رابطو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.