وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان زلمي خليل زاد جي ڌار ڌار ملاقات

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪا جي افغان عمل بابت خاص نمائندي زلمي خليل زاد الڳ الڳ ملاقات ڪئي.

زلمي خليل زاد وزيراعظم هائوس ۾ عمران خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو.

هوڏانهن پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان به آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ مجموعي علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ملاقات ۾ افغان مفاهمتي عمل تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.