ناردرن دلچسپ مقابلي کانپوءِ ايم سي سي کي 9 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي آيل ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم کي ناردرن دلچسپ مقابلي کانپوءِ 9 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لاهور جي ايچيسن ڪاليج گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.

دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ناردرن مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهيون.

ناردرن طرفان علي عمران بهترين بيٽنگ ڪندي 64 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سرمد ڀٽي 25 ۽ فيضان رياض 19 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب طرفان روي بوپارا 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

جواب ۾ ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهيون ۽ 9 رنسن تان ميچ هارائي وئي.

مهمان ٽيم جو روز وائيٽلي 21، ارون للي 20 ۽ روي بوپارا 19 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.

ناردرن طرفان منير رياض ۽ مبشر خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.