دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين جو ڪو مثال ناهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سيڪيورٽي، خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين جو ڪو مثال ناهي.

آءِ ايس پي آر موجب انتونيو گوتريس جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، افغان پناهگيرن جي معاملي، افغان امن عمل ۽ ڪشمير تڪرار سميت مجموعي علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون.

ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان لاءِ پرعزم آهيون.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل جي ضرورت آهي.

هن گڏيل قومن جي امن مشنر لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهه جوڳو ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي غير مثالي قرار ڏنو.

انتونيو گوتريس گڏيل قومن جي فوجي مبصرن جي ڪشمير ۾ آزاد پهچ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ سيڪيورٽي توڙي خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.