صنم ماروي مڙس حامد خان کان خلع وٺڻ جي فيصلي تي قائم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا صنم ماروي مڙس حامد خان کان خلع وٺڻ لاءِ عدالت ۾ داخل درخواست تي پنهنجو بيان به رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

جج ثنا افضل واهله جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران صنم ماروي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ شاديون ٽٽڻ جو وڏو سبب ڪوڙ آهي، مان پنهنجي مڙس سان وڌيڪ رهڻ نٿي چاهيان.

هن عدالت کي درخواست ڪئي ته خلع جي ڊگري جاري ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ عدالت پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

واضح رهي ته صنم ماروي مڙس حامد خان سان خلع لاءِ لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي.

ڳائڻي پنهنجي درخواست ۾ الزام مڙهيو هو ته مڙس مون تي تشدد سميت نازيبا ٻولي به استعمال ڪندو آهي ۽ حامد جي اهڙي رويي کي برداشت ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهيان.

زال جي اهڙي درخواست کانپوءِ حامد خان عدالت ۾ 7 صفحن تي ٻڌل پنهنجو جواب جمع ڪرائيندي صنم جا سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا هئا.

حامد موجب مان صنم سان ڪڏهن بدتميزي ناهي ڪئي ۽ نه ئي کيس ڪڏهن ڪا گار ڏني آهي، گهرواري ۽ ٻارن جو باقاعدي سان خرچ ادا ڪندو آهيان، صنم سان منهنجي سڄي فيملي محبت ڪندي آهي.

هن عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته سندس گهرواري جي خلع جي درخواست کي رد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.