انجن تاجران سکر جو باهه ۾ انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار 

سکر (رپورٽر) انجمن تاجران غريب آباد سکر جي جنرل سيڪريٽري محمد اعظم خان غريب آباد ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾  ٿيل جاني نقصان تي   ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته   سانحي سان سوڳ واري فضا ڇانيل آهي، هن دعا ڪئي ته الله  تعاليٰ  فوت  ٿيلن کي  جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پويئنرن کي صبر جميل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري، محمد اعظم خان وڌيڪ  چيو ته سانحي جي پويئرن جي مالي  مدد  جي سلسلي ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي فون تي آگاهه ڪيو ويو ، جنهن تي صوبائي وزير سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي.6

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.