اسلام ڪوٽ ۾ غلط رٿابندي سان 2 روڊن جي تعمير، ناقص مٽيريل استعمال

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ شهر اندر جانورن جي اسپتال کان وٺي باءِ پاس روڊ تائين ۽ شهر مين بازار کان پراڻي ڏيپلي طرف ويندڙ ٻنهي روڊن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي،روڊس کاتي طرفان منظور ٿيل ٻنهي روڊن جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪري جڳاڙي ڪم ڪيو پيو وڃي. شهر اندران ڏيپلي طرف ويندڙ روڊ جي ڀرائي ڪري ليولنگ ڪرڻ بدران ٺيڪيدار صرف جند ڇڏائڻ لاءِ کڏ اندر پٿر وڇائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،اهڙي شروع ٿيل ڪم بعد ٺهندڙ روڊ جيڪو نالين کان ڪيترائي فوٽ هيٺ کڏ اندر ٺاهيو پيو وڃي جنهن سبب انهي روڊ جو پاڻي وري بہ روڊ تي بيٺل رهندو،ٺيڪيداي پئيسا بچائڻ خاطر روڊ جي ڀرائي ڪرڻ بدران غيرمعياري پلاننگ تحت ڪم کي رات وقت تيز ڪري ڇڏيو آهي،ڄاڻايل روڊ جيڪو اهل حديث مسجد کان اڳتي باءِ ننگرپارڪر ڏيپلو روڊ طرف ٺهي رهيو آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان مارڪيٽ سميت آبادي موجود آهي،ڄاڻايل روڊ جيڪو پهريون ڀيرو ٺهي رهيو آهي جيڪو مارڪيٽ سميت گهرن ۽ جڳهين کان تمام هيٺ آهي،جنهن جي ڀرائي ڪري ٺاهڻ بدران ٺيڪيدار کڏ اندر پٿر اڇلائي رهيو آهي،ٻئي پاسي جانورن جي اسپتال ۽ دعا ميڊيڪل چوڪ کان اڳتي ننگرپارڪر باءِ پاس تائين ٺهندڙ روڊ بہ مختلف هنڌن تي پٿر اڇلائي ليولنگ ڪئي ويئي آهي پر مڪمل روڊ تي ڪوبہ پٿر ناهي اڇلايو ويو،انهي روڊ تي بہ ٺيڪيدار جڳاڙي ڪم ڪري غريب آبادين وٽان گذرندڙ روڊ کي نالي ماتر ٺاهي رهيو آهي،ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ هنن ٻنهي روڊن جي انتظاميا ڪوبہ جانچ ناهي ڪئي،جنهن سبب ٺيڪيدارن پاڻ نظر رکڻ بدران اُتي پنهنجا منشي رکي رات جو ڪم ڪرائي رهيا آهن،انهي سلسلي ۾ رهواسين ٻنهي روڊن جي ڪم تي اعتراض ڪندي مطالبو ڪيو آهي تہ جانچ ڪري جيڪا اسٽيمينٽ ۾ روڊ لکيل آهن انهي تحت ٺاهيا وڃن ۽ ڏيپلي طرف ٺهندڙ روڊ کي مٽي سان ڀرائي ڪري انهي جي ليولنگ ڪرائڻ بعد انهي کي ٺهرايو وڃي.

پٿر بدران ڪڪري ۽ ڏامر بدران مٽي جو استعمال

مٺي:اسلام ڪوٽ ۾ روڊن جو ڪم ڏينهن بدران رات جي انڌهيري ۾ ڪيو پيو وڃي،ٺيڪيدار ڪٿي نظر نہ ٿو اچي،سمورو ڪم هڪ منشي حوالي ڪيو ويو،جيڪو ڪم مان بہ سمجهي نہ ٿو،دعا ميڊيڪل اسٽور کان سنت نيڻورام آشرم تائين روڊ تي پٿر وڇائي ڪم مضبوط ڪيو پيو وڃي،اُنهي کان اڳتي گرائونڊ ۽ بجير پاڙي وٽان گذرندڙ روڊ کي ٻُهارين سان صاف ڪري اُتي پٿر وڇائي روڊ ٺاهڻ بدران صرف سنهڙي ڪڪري ڏامر ۾ ملائي وڇائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،مليل رپورٽن موجب تہ سموري روڊ کي پٿر وڇائي ٺاهڻ بدران ٺيڪيدار صرف غريب پاڙن وٽان گذرندڙ روڊ کي جڳاڙي ڪم ذريعي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي،بجير پاڙي جي رهواسين ڪم تي سخت اعتراض ڪندي سموري روڊ کي شروعاتي طور پٿر وڇائي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ٻئي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي،

بازار کان ڏيپلي ڏانهن ٺهندڙ روڊ ۾ وري مٽي بدران واري جو استعمال ٿيڻ لڳو

مٺي:اسلام ڪوٽ شهر اندران ڏيپلو طرف ٺهندڙ روڊ کي مٽي وڇائي ليولنگ ڪرڻ بدران ڏينهن ڏٺي جو پٿر وڇائي مٿي ٿر جي واري سرعام اُڇلائي ڊوزرن سان ڪم جي وٺ وٺان لڳي ويئي آهي،جنهن سبب اتان جي رهواسين پاران روڊ جي ڪم تي سخت اعتراض ورائيندي احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي. ٻي پاسي شهرين سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ،ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم ۽ ٻين ادارن کان مطالبو ڪيو آهي تہ روڊن جي هلندڙ ناقص ڪمن جو نوٽيس وٺي ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري ڪم بهتر ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.