وڳڻ ۾ شھرين جو گئس جي سھولت نه ملڻ خلاف احتجاج

پکو  ( ن ع آ ) وڳڻ شھر سميت ڀرپاسي جي سوين ننڍن وڏن ڳوٺن کي گئس جي سھولت ڏيارڻ ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سجاڳ نوجوان اتحاد جي سڏ تي شھرين پاران احتجاج جاري رکيو ويو،  شھرين مين چونڪ تي چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي , احتجاج ۾ اتر سنڌ جي ڊي اي اڳواڻ سرفراز الدين اسراڻ شھرين جي حمايت ڪندي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو،  ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سرڪار تي جيڪي شھرين کي پنھنجا جائزي حق به نه ڏئي سگھي آھي شھرين جي احتجاج کي ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آھن پر نمائندن سندن مسئلو حل نه ڪري سگھيا آھن،  ھن چيو ته گئس وفاق جي منظوري آھي پر ايم اين اي ايوان ۾ ڪڏھن به آواز ناهي اٿاريو، جنھن مان ظاھر آھي ته نمائنده نااھل آھن ، ٻئي طرف شھرين ممتاز علي وڳڻ،  اعجاز علي وڳڻ،  يونس وڳڻ ،  ڪامران پنھور،  راشد ملڪ،  الطاف چانڊيو چيو ته احتجاج ۽ بک ھڙتال کي ڪيترا ڏينھن گذري ويا آھن پر تڪ جي نمائندن ڪو رابطو ناهي ڪيو،  شھرين چيو ته 70 هزار آدمشماري وارو شھر ۽ ملڪ کي مين روڊن رستي ڪنڊ ڪڙڇ سان ڳنڍيندڙ شھر گئس جي سهولت کان محروم آھي،  شھرين وڌيڪ چيو ته جڏھن نمائندن جو به وس نٿو ھلي ته اسان ڪنھن در دانھن ڏيو، شھرين اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندي نمائندن کان مطالبو ڪيو ته شھر جو گئس منظور ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي  .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.