بي جي پي کي ٽوٽا چٻائيندڙ اروند ڪيجريوال ٽيهر وڏ وزارت جو حلف کڻي ورتو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي جي رياستي چونڊن ۾ حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) کي شڪست ڏيندڙ عام آدمي پارٽي جي سربراهه اروند ڪيجريوال وڏ وزارت جو حلف کڻي ورتو.

دهلي جي رياستي چونڊن ۾ عام آدمي پارٽي 70 مان 62 سيٽون کٽيون آهن، جڏهن ته بي جي پي رڳو 8 سيٽون ئي کڻي سگهي.

چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عام آدمي پارٽي جي سربراهه اروند ڪيجريوال تاريخي رام ليلام ميدان ۾ وڏ وزارت جو حلف کنيو.

اروند ڪيجريوال کان دهلي جي ليفٽيننٽ گورنر انل بيجل حلف ورتو، جڏهن ته حلف برداري تقريب ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته اروند ڪيجريوال لاڳيتو ٽيون ڀيرو دهلي جو وڏو زير بڻيو آهي، جڏهن ته سندس ڪابينا جي به حلف برداري تقريب ٿي وئي، جنهن ۾ هڪ مسلمان ميمبر کي به شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.