پاڪستاني سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي 17 ڀارتي مهاڻن گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي 17 ڀارتي مهاڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي ترجمان موجب ڀارتي مهاڻن کي پاڪستاني سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪارروائي دوران ڀارتي مهاڻن جي ٽن ٻيڙين کي به قبضي ۾ ورتو ويو.

ترجمان جو چوڻ هو ته هلندڙ هفتي دوران ٻيو ڀيرو ڀارتي مهاڻن طرفان سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، قانوني ڪارروائي کانپوءِ انهن کي پوليس حوالي ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.