پاڪستان ڪبڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي هارائي پهريون ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪبڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ انتهائي دلچسپ مقابلو ٿيو ۽ ٻنهي هاف ۾ ٽيمون پوائنٽس ٽيبل تي هڪٻئي تي سرسي حاصل ڪنديون رهيون.

ٻئي هاف جي پڄاڻي تي پاڪستان مخالف ڀارتي ٽيم کي 41 جي ڀيٽ ۾ 43 پوائنٽن سان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

ڀارتي ٽيم ڪبڊي ورلڊ ڪپ سرڪل اسٽائل جو بچاءُ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جيڪا 6 ڀيرا ورلڊ ڪپ جي فاتح رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.