رڳو پنڌ ڪرڻ ٿولهه مان ڇوٽڪاري جو حل ناهي..!

جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته پنڌ هلي ٿولهه مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو ته اهڙي خيال کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو.

عام طور اهو سمجهيو ويندو آهي ته روز پنڌ هلي صحت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ جسماني وزن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي پر هاڻ آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ اهڙي تاثر کي رد ڪيو ويو آهي.

برگهم ينگ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ گهڻو گهمڻ چُستي آڻي سگهي ٿو پر ان سان جسماني وزن ۾ واڌ جي روڪٿام نه ٿيندي.

مختلف طبي تحقيقن ۾ اهي رپورٽون سامهون اچي چڪيون آهن ته روز 10 يا رڳو 7 هزار قدم هلڻ به جسماني صحت لاءِ فائديمند آهي پر اهو عمل جسماني وزن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪافي ناهي.

تازي تحقيق دوران 120 شاگردن جو 7 مهينن تائين جائزو ورتو ويو، انهن کي 24 هفتن تائين هر هفتي 6 ڏينهن 10، 12 يا 15 هزار قدم هلڻ جي هدايت ڪندي سندن غذاتي عادتن ۽ وزن کي ٽريڪ ڪيو ويو.

ان جو مقصد اهو ڄاڻڻ هو ته تجويز ڪيل 10 هزار قدم روز هلڻ ڪنهن حد تائين وزن ۽ چرٻي ۾ واڌ ۾ گهٽتائي آڻي سگهي ٿو پر نتيجن مان خبر پئي ته ڀلي ماڻهو روز 15 هزار قدم هلڻ ئي عادت ڇو نه بڻائي سگهن، انهن جي وزن ۾ گهٽتائي نه ايندي.

ماهرن موجب پنڌ گهمڻ سان وزن تي ته ڪي خاص اثر نه پيا پر جسماني سرگرمين جي رجحان تي اثر ڏسڻ ۾ ضرور آيا، جيڪي ذهني ۽ جسماني صحت ۾ مجموعي بهتري جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

تحقيق ڪندڙن جو چوڻ هو ته رڳو ورزش ئي جسماني وزن ۾ گهٽتائي جو اثرائتو ذريعو ناهي، وڌيڪ هلڻ جسماني سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ مددگار آهي، اسان جي تحقيق مان ثابت ٿيو ته گهمڻ جسماني وزن برقرار رکڻ ۽ ان جي واڌ روڪڻ لاءِ اثرائتو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.