مٺي اسپتال ۾ مريضن کي بهتر علاجي سهولتون ڏيڻ جي هدايت

مٺي(بيورو) سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ سول اسپتال مٺي جي دوري تي پهچي ويو،ٻارڙن سميت مختلف وارڊن جو دورو ڪري تفصيل ورتا،سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ پاران سول اسپتال مٺي جي سمورن وارڊن جو دورو ڪرڻ بعد سول اسپتال جي انتظاميا سان گڏجاڻي ڪري تفصيل ورتا،سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ انتظاميا کي هدايتون ڪيون تہ مريضن جو بهتر علاج ڪرڻ سان گڏ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن،صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي،اسپتال ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن سميت صحتياب ٿيندڙ ٻارڙن جو بہ روزابي بنيادن تي انگ اکر گڏ ڪيو وڃي،ٿيندڙ ڊليورين جا ڪيس بہ رڪارڊ جو حصو بڻايا وڃن تہ جئين ٿيندڙ علاج بابت خبر پئجي سگهي،سيشن جج پاران اسپتال ۾ هلندڙ مختلف وارڊن جي ترقياتي ڪمن جو بہ جائزو ورتو،انهي موقعي تي ڊي ايڇ او ارشاد احمد ميمڻ،اي ڊي سي ڪبيرشاھ،سول سرجن گل منير،سپرٽيڊنٽ مولابخش بجير ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.