گجي واسي 2 نينگريون بيمار، غربت علاج ۾ رنڊڪ

گجو (ن ع آ)  گجي لڳ ڳوٺ عارب سالار جي رھواسي ڪائونسلر بشير احمد جوکيو جون 2 معصوم ڌيئرون 10 سالن جي فوزيه ۽ 2 سالن جي معصوم صوبيه ٿيليسما جي بيماري  ۾ مبتلا ھئڻ ڪري  گذريل ڏھن سالن کان سندن والدين سخت پريشاني ۽ تڪليف کي منهن ڏيئي رھيا  آهن،  ڄائي ڄم کان ٻئي نياڻيون ٿيليسما جي مرض ۾ مبتلا  ھئڻ سبب نياڻيون سخت عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،  ان حوالي سان نينگرن  جي والد   بشير احمد جوکيو ٻڌايو ته نياڻين جي بيماري  ۾ مبتلا ھئڻ ڪري   سخت پريشان  آهيان، ھر مھيني 42 ھزار روپيا خرچ ڪري نياڻين  کي رت لڳرائيندو آهيان، دانهڻ باوجود چونڊيل نمائندن واهر ناهي ڪئي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻين جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.