ڊگري ڪاليج سڪرنڊ ۾سياسي سماجي اڳواڻن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب

سڪرنڊ (رپورٽ : لطيف جمالي ) سڪرنڊ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال محمد خان ڪيريو پاران تعليم ، صحافت ۽ سماج ۾ بهتر ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن پروفيسر هادي بخش زرداري، پروفيسر رٽائرڊ شميم ، پروفيسر ڪريم بخش کوسو ، پروفيسر علي اڪبر چنه ۽ پروفيسر رانجهو خان جمالي ،ميڊيا سينٽر سڪرنڊ جي صدر قربان عمراڻي ۽ ٻين کي ايوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال محمد خان ڪيريو آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته مون محسوس ڪيو ته جن به تعليمي خدمتون ڪيون آهن يا هن اداري سان پاڻ ملهايو آهي انهن کي سندن خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ڏنا وڃن. جنهن سان نه صرف سندن حوصله افزائي ٿيندي بلڪه انهن ۾ وڌيڪ خدمت جو اتساھ پڻ پيدا ٿيندو هن چيو ته توڙي جو مان پاڻ پڻ مارچ ۾ رٽائر ٿي رهيو آهيان پر خوشي ان لاءِ ٿي رهي آهي جو هن ڪاليج ۾ اهڙو ٻوٽو ٻاري ڇڏيو آهي جنهن جو ڦل هميشه  هتي جا استاد ۽ شاگرد حاصل ڪندا رهندا پروفيسر محمد خان ڪيريو چيو ته منهنجا 7 شاگرد اعليٰ تعليم پرائي هن وقت هن ئي ڪاليج ۾ بطور ليڪچرار ڪم ڪري رهيا آھن. ميڊم آپا شميم چيو ته رٽائرمينٽ نصيب جي ڳالهه آهي جيڪا حياتي دوران ملي ٿي مان پنهنجون تعليمي خدمتون رٽائرمينٽ کانپوءِ به جاري رکندس. مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سيڊ ڪارپوريشن هادي بخش زرداري چيو ته اسان کي تعليم سان محبت آهي استاد ڪڏهن به مرندو نه آهي پڙهائڻ واري استاد کي سماج ۾ هميشه عزت ملي آهي. ان موقعي تي ڪريم بخش کوسو ، انجنيئر محمد نواز سومرو ، غلام اڪبر چنه ۽ ٻين ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪيو.  پروگرام دوران ڪمپيئر سيد منظور علي شاھ ۽ ڪامران علي بلوچ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.