خانپورمهر ۾ سماجي اڳواڻن جو اسڪولن جو دورو

خانپورمهر(ن ع آ) يونيسيف جي تعاون سان سماجي ڪم ڪندڙ سافڪو تنظيم جي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي ميراڻي ۽ ميمبرن رابعه پٺاڻ. فائزا ميمڻ ۽ سيف الله لانگاهه. سيد مظفر شاھ. ۽ سيد ارباب علي شاه خانڳڙھ تعلقي جي مختلف اسڪولن گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول خانپورمهر،  گورنمينٽ بوائز هائير سيڪينڊري اسڪول خانپورمهر،  مين بوائز پرائمري اسڪول خانپورمهر . پرائمري اسڪول سونو قاضي. پرائمري اسڪول پير بخش مهر۽ ٻين جو دورو ڪري اسڪولن ۾ صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو ان موقعي تي سافڪو پاران اسڪولن ۾ صحت. صفائي سٿرائي جي جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف اسڪولن ۾ واش ڪلب جنهن ۾ واش روم پڻ جوڙائڻ جو اعلان ڪيو ويو سافڪو موجب تعلقي جي مختلف اسڪولن ۾ واش ڪلب جوڙيندا سين ته جيئن اسڪولن ۾ صحت  صفائي سٿرائي جي صورتحال بهتر ٿئي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.