ٽنڊي غلام حيدر لڳ اسڪول استاد کان محروم، احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ عبدالحڪيم لاکو جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ۾ ماستر مقرر نه ٿي سگهيو سوين معصوم ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر بڻجي وئي ڳوٺاڻن پاران باربار دانهون ڏيڻ باوجود تعليم کاتي جي ڪامورن اسڪول طرف ڌيان ئي نه ڏنو ٻارڙا جهالت واري زندگي گذارڻ لڳا ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن خمن لاکو،محمد لاکو،عبدالمجيد لاکو ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته تڪ جي چونڊيل ايم پي اي پاران هڪ استاد مقرر ڪيو ويو جنهن بعد تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ان ماستر کي به بدلي ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڳوٺ جي سوين شاگردن جي تعليم سخت متاثر بڻجي وئي آهي

اربار شڪايتن باوجود ڪير ٻڌڻ وارو ناهي هنن چيو ته اسڪول مان ماستر کي بدلي ڪري انتقامي ڪاروائي وٺي ٻارڙن جي تعليم کي هٿرادو تباھ ڪيو پيو وڃي هنن تعليم کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ ماستر مقرر ڪري ٻارڙن جي تعليم کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.