ڊي جي هيلٿ جو ٿر ۽ عمرڪوٽ جي اسپتالن جو دورو

مٺي (بيورو)سنڌ جي صحت صورتحال جي جائزي وٺڻ لاءِ صوبائي وزارت جي هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر  ليکراج  درزي ۽ ايازاحمد ميمڻ  ٿرپارڪر ضلعي جي رورل هيلٿ سينٽرن اسلام ڪوٽ ۽ کينسر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي ڇهن آر ايڇ سيز ڇور،فقير امين منگريو،حيدرفارم،کوکرا پار،ڍوررنارو ۽ نبي سر روڊ  جو تفصيلي دورو ڪيو،انهن رورل هيلٿ سينٽرن جو اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز ( آءِ ايڇ ايس)پاران انتظام سنڀاليندي ئي مختصر عرصي ۾نوان ڊاڪٽر،هيلٿ ٽيڪنيشن ۽ سپورٽ عملو مقررڪيو ويو آهي،جن جي بايو ميٽرڪ جي جديد سسٽم سان ڊيوٽين ۾ باقائدگيءَ  پئدا ڪئي وئي آهي،ان سان گڏ گھربل دوائن،ڇتي ڪتي ۽ نانگ بلا جي ويڪسين جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي،اڪثر مرڪزن ۾ ڪافي عرصي کان بند پيل ايڪسري مشينن کي فنڪشنل ۽ ليبارٽري  ٽيسٽون به شروع ڪيون ويون آهن. ٻنهي ضلعن جا سمورا رورل هيلٿ سينٽر هاڻي 24 ڪلاڪ،ايم اين سي ايڇ سينٽر ۽ ايمرجنسي سروس لاءِ کليل رکيا ويا آهن،سنڌ جي صحت عملدارن جيڪي هيلٿ منسٽري جي مانيٽرنگ ۽ ايووليشن ٽيم جا ميمبر به آهن،انهن واڌارن ۽ سڌارن جو گهرو مشاهدو ڪيو ۽ گھربل ضرورتن جي جانچ وٺڻ کان پوءِ آءِ ايڇ ايس جي مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيو،جنهن ڪري هيلٿ سينٽرن ۾ايندڙ مريضن جي انگ ۾ نمايان واڌارو آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.