ملازمن کي پگهارون نه مليون ته بک هڙتال ڪنداسين: آبپاشي يونين

نوشهروفيروز(ڊ ر)آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته هڪ هفتي اندر آر بي او ڊي جي ملازمن جون پگهارون نه ڪيون ويون ته مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال سان گڏوگڏ سخت احتجاج ڪيو ويندو. نوشهروفيروز پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جي صوبائي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو، جنرل سيڪريٽري اقبال احمد لاڙڪ، محمد خان مشوري، محمد يعقوب وڳڻ، لکمير بڙدي چيو ته آر بي او ڊي رٿا ۾ اربين رپين جا غبن ڪيا ويا آهن جيڪو وڏو غبن ڪري ٿو ان کي انعام طور پروموشن ڏئي وڏن هنڌن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو .

جڏهن ته پورهيت پگهارن لاءِ پريشان آهن گذريل 7 مهينن کان سندن گهرن ۾ فاڪا ڪشي واري زندگي گذري رهي آهي. هڪ هفتي جو الٽيميٽم ڏيون ٿا ٿيل ڪرپشن ۽ ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿيون ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج هوندي.  6

لاڙڪاڻي پوليس جي 6 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ضلعي ۾ جنرل هولڊ اپ ۽ داخلي توڙي خارجي رستن تي سخت اسنيپ چيڪنگ دوران رپوش ۽ گهربل 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، روڪ رقم ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه تعلقه پوليس قتل ڪيس ۾ گهربل ٻن مُک جوابدارن گل محمد مغيري ۽ اصغر معيري کي رپيٽرن سميت، ڏوڪري پوليس دڪاندار وقاص پٺاڻ جي دڪان مان چوري ڪندڙ جوابدار محمود سومرو کي هڪ لک روپيه روڪ رقم سميت، نئون ديرو پوليس چيڪنگ دوران روپوش جوابدار لياقت گوپانگ کي، باڊهه پوليس سنگين نوعيت جيس ڪيس ۾ گهربل جوابدار منظور گاڏهي کي ۽ مارڪيٽ پوليس گئس چوري ۾ ملوث جوابدار سجاد ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن سول لائين پوليس شهري قربان سومرو جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي. 6

ٿر ۾ آر او پلانٽ ملازمن کي پگهار نه ملڻ جو نوٽيس

مٺي(بيورو) ٿرپارڪر ضلعي جي ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ڏاهلي،ڪلوئي ۽ ننگر پارڪر جي شهرن سميت ڳوٺن ۾ لڳل آر او پلانٽس ناڪاره بڻيل هجڻ سان گڏ سوين آپريٽرن کي پگهارون پنجن مهينن کان ناهن ملي سگهيون،جنهن سبب آپريٽر پگهارن لاءِ پنجن ڏينهن کان مٺي ۾ سراپاءُ احتجاج بڻيل آهن،اُنهي سلسلي ۾ آر او پلانٽس آپريٽرن کي پگهارون نہ ملڻ بابت عوامي آواز ۾ لڳل خبر جو سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ نوٽيس وٺندي پبلڪ هيلٿ کاتي جي سيڪريٽري انجنيئرنگ کان وضاحتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ پاران تفصيلي رپورٽ گُهري ورتي آهي،ٻئي پاسي آپريٽرن پگهارون نہ ملڻ بعد پلانٽس جي تالابندي ڪري پلانٽس بند ڪري ڇڏيا آهن.

ٽنڊي محمد خان ۾ عوامي شڪايتن تي ايس ايڇ او سميت 15 اهلڪار معطل

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان سٽي اندر بدامني منشيات وڌندڙ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن جي شڪايتن کانپوءِ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان نوٽيس وٺندي ، ايس ايڇ او سٽي محمود خان ۽ 15 انچارج راجا شاهه کي معطل ڪري لائن حاضر ڪري ڇڏيو .  خبرموجب  ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ سٽي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني ، منشيات ، وڌندڙ ڦرن ۽ چورين جي عوامي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او سٽي سب انسپيڪٽر محمود خان کي معطل ڪندي سندس جاءِ تي خادم حسين بليدي کي نئون ايس ايڇ او سٽي مقدد ڪري ڇڏيو آهي.

. جڏهن ته 15 انچارج راجا شاهه کي معطل ڪري سندس جاءِ تي رسول بخش چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو آهي . ياد رهي ته هڪ هفتي کان ٽنڊو محمد خان اندر سٽي اندر چورين ڦرن جي وارداتن جون شڪايتون ملڻ ۽ بالا آفيسرن جي هدايتن کانپوءِ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ نوٽيس وٺندي . ٻنهي پوليس آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي .

ٻوٽن مان دوائون ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر اقبال

خيرپور(ڊر)شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي  ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي انتظام هيٺ ٻوٽن مان دوائن جي تياري جي عنوان تي هڪ توسيعي ليڪچر پروگرام منعقد ٿيو. ان موقعي تي جامعه ڪراچي جي انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل ۽ بائيولاجيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري موضوع تي ليڪچر ڏيندي چيو ته ٻوٽن مان دوائن جي تياري وقت جي ضرورت آهي هن چيو ته اسانجو ادارو جديد طرز تي عوام جي ڀلائي لاءِ ٻوٽن مان دوائن جي تياري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪتر اقبال چوڌري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل ۽ بائيولاجيڪل سائنسز جي ليبارٽري قائم ڪرڻ، ليب اسٽاف لاءِ ورڪشاپ منعقد ڪرڻ ۽ ناليواري بين الاقوامي ۽ قومي استادن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن يونيورسٽي ۾ تحقيقي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاه ۽ ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر کي ساراهيو.

ان موقعي تي ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي تدريسي، تحقيقي ۽ ترقياتي معاملن بابت آگاهي ڏني. ليڪچر پروگرام ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر، پروفيسر ڊاڪٽر شفيق احمد آرائين، پروفيسر ڊاڪٽر علام عباس شر، پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر خالده مهر، ڊاڪٽر جاويد اڄڻ، ڊاڪٽر صفدر اڄڻ، ڊاڪٽر خادم ميمڻ، ڊاڪٽر زيب النسا ميمڻ، ڊاڪٽر گل افشان سومرو، استاد، محققن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.