خيرپور ۾ڦول باغ جو سرڪاري پلاٽ وڪرو، تعميراتي ڪم جاري، انتظاميا خاموش، احتجاج

خيرپور ( رپورٽ شاهدنواز سيال ) بااثر قبضا مافيا آڏو ميونسپل انتظاميان  ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور بيوس بڻيل، عوامي تفريح گاهه ڦول باغ جي قيمتي پلاٽ تي قبضا مافيا پاران هلندڙ تعميراتي ڪم تيزي سان جاري، ميونسپل چيئرمين،اينٽي انڪروچمينٽ فورس،اي ڊي سي، ڊي سي خيرپور سميت لاڳاپيل عملدارن،آفيسرن خبر هوندي پنهجو اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڪنن ۾ ڪپهه وجهي آرام ڪرڻ لڳا، سماجي، شهري  اڳواڻن عوامي تفريح گاهه تي قبضي خلاف  عدليا کان پاڻمرادو نوٽيس جي گهر ڪندي روڊن تي نڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، قبضي هيٺ آيل پلاٽ تي نئين عمارت جو تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي، هن سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب قبضا مافيا جي بااثر هجڻ ڪري سياسي هائوس، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نعيم سنڌو ، ميونسپل چيئرمين سيد امجد علي شاهه پاران ڳجهه ڳوهه ۾ قبضا مافيا سان ڊيل ڪري قيمتي پلاٽ وڪرو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيف ميونسپل آفيسر پير واحد بخش موجب قبضي جو اطلاع اعليٰ اختيارين کي ڏيڻ باوجود کيس ڪارروائي ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي،

جنهن ڪري بااثر قبضا مافيا پاران ڦول باغ جي قبضي هيٺ آيل پلاٽ بلڊنگ جي تعمير جو ڪم تيزي سان جاري آهي، جنهن خلاف خيرپور جي شهرين سماجي اڳواڻن علي محمد ،نواب علي خان، محمد يوسف،  منظور علي، روشن علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي ڊي سي خيرپور تي هڪ پاسي غريب ماڻحن جا گهر ناجائز تجاويزات ڄاڻائي بلڊوز ڪيا پيا وڃن، ته ٻئي پاسي سرڪاري پراپرٽي ۽ عوامي تفريح گاهه ڦول باغ تي سري عام بااثر قبضا مافيا قبضو ڪري رهيا آهن.

پر ڊي سي خيرپور خبر هوندي به اکيون ۽ ڪن بند ڪري سڪون جي ننڊ سمهي رهيو آهي. هنن اعليٰ عدليا ،چيف آف آرمي اسٽاف ،وزير اعظم پاڪستان ،سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير بلديات سمت اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن قبضو ختم نه ڪرايو ويو ته سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمون مجبور ٿي روڊن تي نڪري قبضا مافيا خلاف سخت احتجاج ڪنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.