سکر ۾ جوڙي جو مائٽن خلاف احتجاج

سکر(رپورٽر) پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو مسمات صائمه انڍڙ ڌيءَ معشوق علي انڍڙ پنهنجي مڙس نذير احمد پٽ وڌيو گوش سان گڏ مائٽن جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهو آهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ هن جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پنهنجي مرضي سان گهران نڪري نذير احمد سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن جي اطلاع بعد سندس پيءُ ۽ ٻيا منهنجا ۽ منهنجي مڙس جي مائٽن جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن، گذريل ڏينهن منهنجي مائٽن منهنجي ساهرن جي گهر تي حملي ڪري گهر ۾ موجود عورتن، مردن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهر ۾ رکيل قيمتي سامان سميت بيٺل مويشي  ڪاهي ويا آهن ۽ زمين ۾ پوکيل فصل کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جي شڪايت ڪرڻ تي منهنجي ساهرن کي موتمار ڌميڪون پڻ ڏنيون آهن، هن ڊي آءِ جي سکر سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.