دادو ۾ نئين ديري واسڻ جو گھر تي قبضي خلاف احتجاج

دادو (ڊ ر) دادو  ڦلجي ويجهو نئين ديري جي رهواسي عورت  صاحبان زال خير محمد پتافي پنهنجي مڙس سان گڏ پريس ڪلب دادو آڏو ڦلجي جي پوليس خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري دانهيو ته ڏيرن ۽ ٻين اسان جي  گهر ۽ زمين تي قبضو ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ اسان جا 6  معصوم ٻارڙا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا آھن، هنن چيو ته اهڙي دانهن کڻي حد جي ٿاڻي تي ويا آھيون، پر پوليس به انهن سان ٻٽ بڻيل آھي، پوليس ابتو اسان جي مٿان تشدد ڪيو آھي، هن چيو ته ايس ايس پي دادو سان ملڻ وياسين پر گيٽ تي مقرر پوليس اهلڪارن اسان کي ايس ايس پي سان ملڻ نه ڏنو،  هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهر تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.