اڏيري لعل وليج ۾ يوٽيلٽي اسٽور بي لاڀ بڻيل

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) اڏيرولال وليج تي قائم يوٽيلٽي اسٽور ۾ روز مره جي استعمال ۾ ٿيندڙ شين جي شديد کوٽ ڪيترنئي مهينن کان جاري جنهن جي ڪري علائقي جي عوام سخت تڪليف ۾ مبتلاء  يوٽيلٽي اسٽور ۾ نه اٽو ٿو ملي نه  وري کنڊ نه گيه ۔پتي چانه وغيره ۔ اڏيرولال وليج جيڪو هن مهل ترقي جي طرف گامزن آھي ۔ ان جي عوام کي وري يوٽيلٽي اسٽور جون هوندي سوندهي سهولتون نه پيون ملن ۔ جنهن جي ڪري غريب غربو مجبورن مهانگي اگه تي روز مره جو شيون دڪانن تان وٺڻ تي مجبور آھن  ۔ يوٽيلٽي اسٽور جيڪو هتي جي عوام جون سموريون روز مره ۾ استعمال ٿيندڙ شيون فراهم ڪرڻ جون ذميوار آھي پر اهي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام آھي  هتان جو عوام وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ٿو ڪري ته اڏيرولال وليج جي عوام کي يوٽيلٽي اسٽور تان جلد سامان فرهم ڪرايو وڃي.

ڪوتاهي ڪندڙ انتظاميا خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.