مٺي ۾ ڳوٺاڻي جو ڊسپينسري جي انچارج خلاف احتجاج، انصاف جي گهر

مٺي(بيورو)مٺي تعلقي جي ڳوٺ لوڻيهار جي رهواسي صاحب دين ساند صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڊسپينسري جي انچارج نواب ساند ۽ عبدالهادي ساند منهنجي خلاف ڪوڙيون درخواستون ڪري پريشان ۽ حراسان ڪن ٿا ۽ اسان جو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زال پري جيڪا اسپتال ۾ دائي طور ڊيوٽي ڪندي آهي جنهن کي به ڄاڻايل ڊسپينسر نواب ٽائيم کان اڳ ۾ اچڻ جو چئي تنگ ڪري ٿو،

هن چيو ته منهنجي زال ڊيوٽي جي پابند آهي پر ان جي باوجود ڊسپينسر مقامي شرپسند ڳوٺاڻي سان گڏجي ڪوڙيون درخواستون ڪري اسان کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي،هن مطالبو ڪندي چيو ته ڊي ايڇ او ٿرپارڪر سميت ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ انتظاميس معاملي جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف فراهم ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.