ڀريا جي جوڙي جو حملي خلاف ٽنڊي محمد خان ۾ احتجاج

ٽنڊو محمد خان( ڊ ر ) نوشهروفيروز جي ڀريا سٽي جي ڳوٺ حافظ محمد يعقوب تنيو جي رهواسي زال مڙس مسمات زينت خاتون ، سندس گهرواري دلدار علي تنيو اچي دانهيو آهي ته نوشهروفيروز جي ڀريا سٽي حافظ محمد يعقوب تنيو ۾ اسان تي قاتلانا حملي جي ڪوشش ڪرڻ دوران اسان پنهنجون جانيون بچائي حفاظت سان ٻاهر نڪري آيا آهيون جنهن کانپوءِ ڀاءُ وزير علي تنيو تي هٿياربندن حملو ڪري کيس قتل جي ڪوشش ڪئي آهي ، اسان پنهنجي رضا مندي جيڪا شادي ڪئي ان سان اسان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ،  ڳوٺ جي اندر خاندان کي ڳوٺ ڇڏي ڏيڻ سان گڏ زال مڙس کي ڌار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ويئي آهي ، جنهن ۾ حملي ۾ ملوث پيربخش تنيو ، علي محمد تنيو ، عبدالرزاق تنيو ، نذير تنيو ، رحمت الله تنيو جي خلاف اسان پوليس وٽ دانهيو آهي ۽ سندس خلاف ايف آءِ آر لاءِ درخواست ڪئي آهي پر نوشهروفيروز ڀريا سٽي پوليس بااثر ماڻهن جي مداخلت تي ڪو به قدم کڻي نه سگهي آهي ، هاڻي اسان کي خدشا آهن ته اسان کي ڪنهن به وقت هٿياربند ٻيهر قاتلانا حملو ڪرائي قتل ڪرائي سگهن ٿا. هنن تحفظ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.