تنگواڻي لڳ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ، قتل جو شڪ

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي لڳ ڀٽائي ڪالوني پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمّد امين سندراڻي ۾ ڪڻڪ جي فصل مان نوجوان اصغر علي عرف برڪت جکراڻي   جو تشدد ٿيل لاش ڏسڻ بعد ڳوٺاڻن حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي وارثن کي سڃاڻپ ڪرائڻ بعد پوليس جي موبائيل تي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيو، جتي سهولتن جي کوٽ سبب 8 ڪلاڪن تائين لاش مرده خاني ۾ پيل رهيو،

اهڙي عمل خلاف وارثن ذولفقار جکراڻي، محمّد مراد جکراڻي، دلدار جکراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، هُنن چيو ته اسان جي نوجوان مٿان تشدد ٿيل آهي، جنهن سبب نوجوان جو ڳچي، سيني سميت سڄي جسم تي نشان ظاهر آهن ۽ ڳاٽو ٽٽل آهي،هنن چيو ته ڊاڪٽر بنا جواز سهولتن جي کوٽ ٻڌائي رولي رهيا آهن، ٻي طرف  پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر  ٻڌايو ته نوجوان  جي وارثن ڊي اين اي رپورٽ ڪرائڻ جو چيو جنهن جي سهولت اسان وٽ نه هجڻ سبب ڪنڌڪوٽ نيوويو، جتي وارث ڳالهين بعد مطمعن ٿي ويا، سومر ڏاهاڙي ڊاڪٽرن جي ٽيم گڏيل رپورٽ جاري ڪندي جڏهن ته هن وقت 70 فيصد نوجوان جي بجلي ڪرنٽ ۽ 30 فيصد تشدد سبب موت جا ڪارڻ نظر اچن ٿا، وڌيڪ  رپورٽ جاري ڪئي ويندي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته  نوجوان جي پاسي ۾ هڪ ٽي ٽي پستول ۽ هڪ لٺ به ملي آهي،  وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ ظاهر ٿيڻ ۽ وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيوويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.