” قاتل گرفتار ڪيو“ ٺل ۾ جدوجهد ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

ٺل(ن ع آ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن ۽ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي جي قتل کي 29 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن پر شهيد جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي،

مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارناصغر علي عرف ڳاڙهو ٻرڙو ۽ طالب ٻرڙو کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،

اڄ ايس يو پي پاران شهيد قائم الدين سرڪي جي ياد ۾ تعزيتي جلسو ٺل جي پراڻي نيشنل بئنڪ گرائونڊ آڏو ٿيندو،جنهن کي ايس يو پي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه سميت مرڪزي قيادت خطاب ڪندي،ٻئي طرف جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي،ڪالهه 182هين ڏينهن به جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن مقتول جي پيءُ شرف الدين سرڪي،ڀاءُ امام الدين سرڪي،جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن سرواڻ لاشاري،جمال الدين جوش ٻرڙو،مفتي نظام الدين بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته 7 مهينا اڳ ڀتي خور جوابدارن پاران ڀتو نه ڏيڻ تان ايس يو پي ڪارڪن ۽ بيڪري مالڪ قائم الدين سرڪي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ۽ طالب حسين ٻرڙو کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس خاموش بڻيل آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته شهيد قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي عرف ڳاڙهو ۽ طالب حسين ٻرڙو کي گرفتار ڪري مقتول سان انصاف ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.