ميرپورساڪري لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار زخمي

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪري لڳ ملڪ واھ اسٽاپ وٽ تيز رفتار مھراڻ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر موٽر سائيڪل سوار 22  ورهين جو   سھراب ولد روشن رند زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪنڊيارو ۾ گسٽا اڳواڻ جي ميڊيا ٽرائل خلاف احتجاج

ڪنڊيارو (ت ر ) گسٽا تعلقي ڪنڊيارو جي صدر نياز حسين مشوري جي ميڊيا ٽرائل خلاف ڪنڊيارو ۾ گسٽا جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو استادن اڳواڻن مقبول کوسو ، اشفاق احمد  ، ٽانوري ،ذوالفقار علي سيال ، سڄڻ علي هيسباڻي ۽ ٻين چيو ته هڪ شخص گسٽا تعلقه ڪنڊيارو جي صدر خلاف  بلاجواز ڪردار ڪشي  ڪري رهيو آهي، ، هنن مطالبو ڪيو ته معزز استاد جي ڪردار ڪشي ڪندڙ خلاف جي حرڪتن جو نوٽيس وٺي مٿس بليڪ ميلنگ ڪري تنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.