” پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا“ جوهي ۾ آبادگارن جو ڌرڻو

جوهي ( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو ) جوهي ۾ زرعي پاڻي بند ڪرڻ تي جوهي جي آباگارن غلام قادر رند، مير محمد لغاري،  جهنڊو لغاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو ناڪي تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي آبادگارن پنهنجي گڏيل خطاب ۾ الزام هڻندي چيو ته پڇڙي جو زرعي پاڻي بند آھي، آبادگار مسلسل احتجاج ڪري رهيا آھيون پر ڪرپٽ ترين آبپاشي کاتي جا ذميوار عملدار آفيسن مان غائب ٿي پاڻي چورن جي سهولتڪارن نمائندن جي ڪمداري ۾ پورا آھن، هنن چيو ته جوهي جي پڇڙي جي آبادگارن سان سراسر زيادتي ٿي رهي آھي، ڪروڙين رپين جو پوکيل فصل سڙي سڪي رهيو آھي، پاڻي تي منڍ جي با اثر سياسي زميندارن جو قبضو برقرار آھي،

هنن چيو ته آبپاشي عملدار پاڻي چورن جا ساٿاري بڻجي جوهي برانچ تي سرعام غير قانوني لفٽ مشينو پائپ هڻي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آھن،

هنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان   مطالبو ڪيو ته منڍ جي پاڻي چورن خلاف قدم کڻي پڇڙي تائين پاڻي پهچائي لکين ايڪڙ آبادي بچائي وڃي، جوهي برانچ تي رينجرز قائم ڪري پاڻي چوري ۾ ملوث آبپاشي جي عملدارن کي برطرف ڪيو وڃي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.