سنڌ ۾ مهانگائي ۽ ڪرپشن خلاف ڪيو اي ٽي جون احتجاجي ريليون

حيدرآباد (پ ر) مھانگائي ۽ ڪرپشن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا۔ ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي پڪوڙا چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، نظير احمد بليدي، بابو ميمڻ، رفيق ڪنراڻي، طارق رند، خادم شورو، علي رضا بليدي ۽ ٻين ڪئي۔ مٺي ۾  وڪيل  شاھنواز  ھنگورجو،  زاھد گل اوٺو، سبحان بجير، محمد نھڙي،  موھن سوجاڻي، پروشتم  پرمار، ساحل ڀوراڻي ۽  ٻين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو۔ ميرپوربٺورو ۾ ضلعي آرگنائيزر ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، رفيق بلاولي، محمد جمن ملاح، بابو ملاح،ـ اميربخش ملاح، گل محمد شيخ، اشفاق ملاح، منظور سوھو، علي حسن، اشرف آرائين، اقبال رند ۽ ٻين مظاھرو ڪيو۔ جھڏو ۾  شاھد ڪلوئي، منصور کوسو، علي بخش پتافي، وھاب ڪلوئي، فتح کوسو، فيصل کوسو، ھمير ڪولھي، رب ڏنو نوتڪاڻي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو۔ سڪرنڊ ۾ ضلعي صدر نادر علي لغاري، مرڪزي اڳواڻ رسول بخش لغاري،  يوسف ميتلو جي اڳواڻي ۾ سينيما چوڪ سڪرنڊ تي احتجاج ڪيو ويو۔ ڪوٽڙي ۾ شبير ساند شھزاد مغل ۽ علي احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو۔ ماتلي ۾ بچل احمداڻي، مبارڪ سمون ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مھانگائي غريب عوام جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آھي۔ تيل، بجلي، گئس سميت اٽو ۽ کاڌي پيتي جي ھر شئي جا اگھ آسمان کي پھچي ويا آھن۔ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ٽئڪس ھڻي عوام جو ٻيڙو غرق ڪري رھيا آھن۔ بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري ھر طرف غربت وڌي وئي آھي۔ اڳواڻن چيو ته ڪرپشن سمورن ادارن کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي۔ عوام انصاف کان محروم ٿي ويو آھي۔ اڳواڻن چيو ته تعليم، صحت، زراعت، پوليس، روينيو سميت ڪو به کاتو ڪرپشن جي ڪئنسر کان بچيل ناھي۔ اڳواڻن چيو ته جيستائين ڪرپشن جي سرپرست وزيرن کي گرفتار ڪري سزا نه ڏني ويندي تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه اچي سگھندو۔ اڳواڻن چيو ته ماڻھو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھن۔ عوام کي بنيادي سھولتون حاصل ناھن۔ شھر ۽ رستا گندگي جو ڍير ۽ کنڊر بنيل آھن۔ اڳواڻن چيو ته حڪمرانن کي مسئلا حل ڪرڻ سان ڪا دلچسپي ناھي۔ جنھن ڪري ھاري، مزدور ۽ مسڪين عوام بدحالي جو شڪار آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.