قاسم آباد ۾ گئس جي چوري جو ڪيس داخل

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي جوڻيجو ڪالوني جو رهواسي عمير احمد قريشي خلاف گئس جي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سندس خلاف سوئي سدرن گئس ريجنل آفيس جي انجنيئر مدثر اقبال راجپوت قاسم آباد ٿاڻي تي گئس جي چوري جو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته هن سوئي گئس جي پراڻي سروس لائين مان سڌو ڪنيڪشن حاصل ڪري گئس چوري ڪئي آهي ۽ ان گئس کي ڪمرشل بنيادن تي پنهنجي هاسٽل ۾ استعمال ڪري رهيو آهي جڏهن ته چوري جي گئس مان جنريٽر به هلايو وڃي ٿو. ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.

سکر جي عدالت مان قتل ڪيس جي 3 جوابدارن جي اپيل رد 

سکر(رپورٽر) خانپور مهر ۾ سال 2018 ۾ بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نينگر غلام محمد مهر ۽ سندس ڪيس ۾ فريادي بڻجڻ بعد قتل ٿيل علي محمد مهر واري ڪيس گرفتار جوابدارن علي ڏنو مهر، علي بخش مهر ۽ غلام عباس طرفان سيشن ڪورٽ گهوٽڪي مان ضمانت رد ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل اپيل جي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار سانگي جي عدالت ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر طرفان وڪيل شمس ڪوڀر ۽ مجيب الرحمان پيش ٿي سيشن جج جي ضمانت رد ٿيڻ خلاف دليل ڏيندي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي جڏهن ته ٻئي طرف مقتول ڌر جي ڪيس ۾ فريادي علي رضا مهر جي وڪيل شبير علي بوزدار عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته جوابدارن پهريان هڪ معصوم نينگر غلام محمد مهر کي قتل ڪيو جنهن ۾ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ته جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ فريادين کي ڌمڪايو ۽ ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي ڪيس جي فريادي نينگر جي ڏاڏي علي محمد مهر کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ان بابت جوابدارن خلاف سمورا ثبوت موجود آهن، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس ذوالفقار سانگي جي عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار ڌر طرفان داخل ضمانت واري درخواست رد ڪندي سيشن جج گهوٽڪي جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.