ڊي ايڇ او ڪرپٽ آهي، عطائين کان کان ايزي لوڊ گهرندو آهي: ڊاڪٽر شمشاد

شڪارپور (ڊ ر ) گذريل ڏينهن شڪارپور پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر آغا شمشاد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو   ته منهنجي ڪلينڪ کي 20 سال کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي سندس جي ڊگري پاڪستان ڊينٽل ڪائونسل وٽ رجسٽرڊ آهي، هن چيو ته منهنجي ڪلينڪ ٽائيم کان اڳ ۾ ڊي ايڇ او شڪارپور   پهچي  ڪلينڪ جي اندر ليڊي مريض کي ڊرپ لڳل هئي، جنهن کي تالو هڻي هنن غير قانوني سيل ڪري مونکي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته مونکي   ڊسپينسر  اطلاع ڏنو ته فوڪل پرسن   پئسا گهريا انڪارڪرڻ تي هن ڪلينڪ سيل ڪئي آهي،

جڏهن آئون پهتس ته هڪ ليڊي مريض جنهن کي ڊرپ لڳل هئي جيڪا اندر واڙهيل هئي ۽ هيٽر به هلي رهيو هو، هن چيو ته مان  سياسي ماڻهو آهيان،   جڏهن ته ڊي ايڇ او شڪارپور  صوبائي وزير  جو رکرايل آهي، ڊي ايڇ او پاڻ ڪرپٽ آهي جيڪو عطائي ڊاڪٽرن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن کان هڪ سئو جو ايزي لوڊ به گهرندو آهي،  ان موقعي تي اين پي پي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاهد حسين پهوڙ، شڪارپور بچايو تحريڪ جي صدر عبدالوهاب ڪاغذي،  دوست محمد چانڊيو، جسقم اڳواڻ عبدالسميع بلالي،  ۽ ٻين ڊاڪٽر جي موقف جي حمايت ڪندي وس وارن   مطالبو ڪيو ته  ڊي ايڇ او ۽ کي هٽائي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.