بدين جا وسيلا ٻاهر استعمال ٿي رهيا آهن:رياض چانڊيو

ڪڍڻ (ن ع آ) پاڪستان ۾ توانائي جا لاتعداد وسيلا آهن، جن مان سنڌ صوبي جي بدين ضلعي مان 70 سيڪڙو تيل ۽ گئس نڪري ٿي، جيڪڏهن تيل ۽ گئس جي رقم بدين ضلعي تي فقط 10 سيڪڙو خرچ ڪئي وڃي ته هتان جي غربت ختم ٿي ويندي، پر هن ضلعي جا وسيلا هڙپ ڪري هتان جي عوام کي بک ۽ بيماري جي چڪي ۾ پيسيو پيووڃي. هنن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض احمد چانڊيو ڪڍڻ پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان سنڌي باوقار ۽ باعزت طريقي سان زندگي گذارڻ چاهيون ٿا، پر اسان جي مالي وسيلن تي وفاق قبضو ڪري هتي منشيات کي عام ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪا سنڌ، پوري ملڪ کي پالي ٿي پر عيوض ۾ ڪسمور کان ڪارونجهر تائين سنڌي قوم کي مفلوج بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي جنگ قانوني ۽ اخلاقي جنگ آهي. اسان جي زمينن تي ڌاريا قابض آهن، نوڪرين ۾ حق تلفي ڪئي پئي وڃي، پاڻي بند ڪري معيشت کسي پئي وڃي. تعليمي ۽ صحت جي ادارن ۾ ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، پلاٽ ۽ گهر غير سنڌين کي ڏيئي هتان جو روزگار کسيو پيو وڃيهن چيو ته 16 فيبروري تي بدين ۾ تاريخي ”سنڌ تحفظ ريلي“ ڪڍي اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪنداسين، جنهن ۾ سموري سنڌ جي عوام کي ڀرپور شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو. جسقم جي وائس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي غلام بڻايو پيو وڃي، پر اسان جيڪڏهن پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي غدار ۽ انڊيا جو ايجنٽ چئي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. هن سنڌي قوم کي اپيل ڪندي چيو ته الله ان قوم جي تقدير ڪڏهن به نٿو بدلائي جيستائين هو قوم پنهنجي حقن لاءِ ويڙهه نٿي ڪري. ان کان اڳ ۾ ڪڍڻ پريس ڪلب جي صدر ظفر حسين حيدري مهمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ هن علائقي جي مسئلن تي روشني وڌي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.