ڪنڊياري واسڻ بيواهه عورت ڪينسر ۾ورتل، علاج جي اپيل

ڪنڊياري (ن ع آ) ڪنڊياري شھر جي ميگھواڙ پاڙي جي رھواسڻ بيواھه عورت خاتون ميگھواڙ زال امولک ميگهواڙ گذريل چئن مھينن کان گلي جي ڪينسر ۾مبتلا هجڻ ڪري تڪليفن جو شڪار آهي، جڏهن ته بيواهه عورت غربت سبب علاج به نٿي ڪرائي سگهي. بيواھه عورت خاتون عوامي آواز کي ٻڌايو ته گھر جو الھه تلهھ وڪڻي علاج ڪرايو اٿم، مڙس فوت ٿي چڪو آهي پٽ معصوم آهن،

ڪمائڻ جيترا ناهن. بيواھه عورت وس وارن کان علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.