چڪ لڳ جوڙي کي مائٽن دعوت بهاني زهر ڏئي ڇڏيو

لکي غلام شاھ (ت ر) چڪ لڳ ڳوٺ نظر محمد جاگيراڻي مان ٽي ڏينهن اڳ پرڻو ڪندڙ گمبٽ واسي نوجوان بلاول جاگيراڻي ۽ مسمات  ب کي  مائٽن  طرفان دعوت بھاني  گهرائي  کاڌي ۾ زھر ڏئي  ڇڏيو، جوڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي نجي اسپتال داخل ڪيو ويو، 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ نظر محمد جاگيراڻي ۾  گمبٽ واسي بلاول جاگيراڻي پسند پرڻو ڪيو،  نڪاح وقت ڪنوار جو  والد   ظاھر نه ٿيو، ڇوڪري جي چاچي  پيءُ  سڏائي   نڪاح ڪرايو،   شادي کي 3 ڏينهن گذرڻ بعد جوڙي کي ڇوڪري جي مائٽن   طرفان دعوت جي آڇ ڪئي،  جنهن کان بعد دعوت جي ماني ۾ جوڙي کي زھر ڏنو ويو،  بلاول ۽ ان جي زال ٿڏي تي بيھوش ٿي ويا، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو،   هوڏانهن چڪ پوليس جو چوڻ ھو ته اسان گل فراز ۽ ڇوڪري جي چاچي کان بيان ورتو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته اسان  زھر ناهي ڏنو،  تيار ٿيل ڀاڄي چڻن جي پلي ۾ زھر هئو،  چڻن جي پلي کي دوا لڳل هئي جنهن جي ڪري جوڙو بيھوش ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.